اسين سنڌو درياءَ تي ڌاڙي ۾ پيپلز پارٽي جي قيادت کي شريڪ سمجھون ٿا جن ايوان صدر ۾ ويهي سنڌو درياھ تي ڌاڙيل منصوبو جوڙي درياھ کي سڪائڻ چاھي ٿو: اياز لطيف پليجو

ڊيم يا ڪئنال ملڪ ۽ سنڌ جي مفاد ۾ ناھن سنڌو درياھ تي ڪو بہ ڊيم يا ڪئنال قبول ناهي: قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه

اسين سنڌو درياءَ تي ڌاڙي ۾ پيپلز پارٽي جي قيادت کي شريڪ سمجھون ٿا جن ايوان صدر ۾ ويهي سنڌو درياھ تي ڌاڙيل منصوبو جوڙي درياھ کي سڪائڻ چاھي ٿو: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد/ھيوسٽن: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي سانا جي 41 ڪنوينشن جي پاڻي سيشن ۾ خطاب ڪندي چيو تہ جيترو سنڌ جي ماڻهن کي نشانو بڻائيندا، دٻاء ۾ رکڻ چاهيندا تہ اڃان سنڌ جي ماڻهن ۾ وڌيڪ نفرت ۽ ڪاوڙ جنم وٺندي. پاڻي جا رستا روڪڻ جي ڪري هي نقصان ٿئي پيو، درياء جا رستا نہ روڪين، ٻيلا تباھ نہ ڪن، زمينن، سمنڊ، ٻيلن، جبلن، ٻيٽن ۽ ماحوليات سان ڇيڙ ڇار نہ ڪئي وڃي. ڊيم يا ڪئنال ملڪ ۽ سنڌ جي مفاد ۾ ناھن سنڌو درياھ تي ڪو بہ ڊيم يا ڪئنال قبول ناهي ڪئنال ۽ ڊيم سنڌ لاءِ زھر قاتل آهن. سنڌو درياھ سنڌ جو جياپو آهي پنجاب پاڻي جي مسئلي تي سنڌ سان ھميشہ ڏاڍ مڙسي ۽ ويسا گھاتي ڪندو رهيو آهي. اسين سنڌو درياءَ تي ڌاڙي ۾ پيپلز پارٽي جي قيادت کي شريڪ سمجھون ٿا جن ايوان صدر ۾ ويهي سنڌو درياھ تي ڌاڙيل منصوبو جوڙي درياھ کي سڪائڻ چاھي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي سنڌ کي ويران حويلي بڻائڻ چاهي ٿي. ڊيم يا ڪئنالن جو منصوبو سنڌ جي پنج ھزار سالا تھذيب تي حملو آھي پاڻي زندگي آهي، پاڻي جو معاملو رڳو آبادگارن جو ناھي. پاڻي جو معاملو زندگي جو معاملو آھي. سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي درياھ، زمينن ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ جدوجھد جي ميدان تي اچن.اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪراچي اسان جي دل، دماغ، شاھ رڳ، تخت گاھ آھي تون کان سواءِ سنڌ تصور ڪونهي تون سنڌ جي ڳچي ۽ ڳچي جو نو لکو ھار آھين.اياز لطيف پليجي چيو تہ گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين کي ڏيئي ڌرتي ڌڻين جي پيرن هيٺيان زمين ڪڍڻ وارو عمل برداشت نہ ڪيو ويندو. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا جو سنڌ دشمن منصوبو آهي. ڪئنال منصوبو سنڌو درياھ ۽ زرعي معيشت تي خوني حملو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي لٽڻ لاءِ پيپلز پارٽي کي مسلسل چوٿون ڀيرو اقتدار ڏئي سنڌ تي مسلط ڪيو ويو آھي. پاڪستان ۾ اليڪشن نظام يرغمال آھي ڪٺ پتلي حڪمران مڙھي سنڌ کي تباھ ڪيو ويو آهي.اياز لطيف پليجي چيو تہ زرخيز زمينون، سمنڊ، درياھ، گئس، پيٽرول، ڪوئلو، بندرگاھون، دنيا جي ھر شيء سنڌ وٽ آهي.ﷲ پاڪ سمورن نعمتن سان سنڌ کي نوازيو آهي. پر سنڌ جي ماڻهن کي الاھي ڪھڙي سزا ڏني وئي آهي، يا پنھنجن ابن، ڏاڏن کان ڪو اھڙو پاپ ٿيو هو جو اسان جي مٿي ۾ پيپلزپارٽي ۽ آصف علي زرداري جھڙو غذاب لڳو آهي جن شاھوڪار سنڌ کي لٽي ڦڙي تباھ ڪري پينو فقير بڻائي ڇڏيو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي 7 ڪروڙ ماڻھن جو مستقبل سنڌو درياھ سان آھي. ڏيڍ سئو سالن کان پاڻي تي ڌاڙا لڳي رھيا آھن، سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي. چولستان ڪئنال ٺھيو تہ سنڌ ڀڙڀانگ ٿي ويندي. ارسا، واپڊا، سي ڊي ڊبليو پي ۽ سي سي آء مان تعصب پرست ميمبر ھٽايا وڃن. پاڪستان جي ترقي لاءِ دھشتگردي، تفريق ۽ ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻو پوندو. سنڌ جا مزدور ۽ ھاري بيروزگار ٿي رھيا آھن، انھن جا ٻار تعليم کان محروم آھن.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي عوام دوستي، سنڌ دوستي، اٽي، لٽي ۽ اجھي جا ڪوڙا نعرا ھڻي سنڌو درياھ، گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جون ھزارين ايڪڙ زمينون، سنڌ جا وسيلا وڪڻي ڇڏيا، ڊجيٽل آدمشماري جي نالي ۾ سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پيپلزپارٽي ذريعي سنڌي ماڻھن کي پنھنجي وطن ۾ بي وطن ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن. سنڌ ۾ ڪرپشن جو راڄ قائم ڪري ھر کاتي جي ڪارڪردگي عوام دشمن بنائي ڇڏي آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪندڙ پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا آهي جنهن پنهنجي مسلسل 18 سالن جي اقتداري دور دوران سنڌ کي تباهي ڪرپشن کان سواءِ ڪجھ نہ ڏنو. پيپلز پارٽي سدائين سنڌي ماڻهن کان ووٽ وٺي پوءِ انهن جي پٺي ۾ خنجر ھڻيندي آهي، سنڌ جي وسيلن کي تين وال ڪندي آهي زرداري مافيا ۽ پيپلزپارٽي نٿي چاهي تہ سنڌ جا ماڻهو ترقي ڪن ۽ خوشحال واري زندگي گذارين.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ گئس پيدا ڪري ٿي پر سڄي سنڌ ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ آھي. سنڌ مان تيل ۽ گئس نڪري ٿو جيڪو سڄو ملڪ استعمال ڪري ٿو پر قدرتي وسيلن واري سنڌ جي ضلعن جون ٻھراڙيون گئس جي بنيادي سھولت کان محروم آھن. پيئڻ جي صاف پاڻي جي سھولت کان محروم آھن. لکين ماڻھو ھيپاٽائيٽس جو شڪار آھن. ڪوئلو، گيس، پيٽرول پيدا ڪندڙ سنڌ جا ماڻهو بکيا سمهندا آهن 18 سالن کان سنڌ ۾ گورننس ۽ ادارن کي تباھ ڪيو ويو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سمنڊ، درياھ، انيڪ قدرتي وسيلا سنڌ ۾ ھجڻ باوجود سنڌ جو عوام غربت جي چڪي ۾ پيسجي رھيو آھي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري تمام گھڻي وڌي وئي آھي. عوام جي حقيقي آواز کي دٻائڻ لاء مصنوعي اشو پيدا ڪيا وڃن ٿا. حقيقي ترقي پسند، جمهوريت پسند، روشن خيال ۽ محب وطن قوتن اڳيان ھميشہ رڪاوٽون وڌيون ويون آهن.انھن کي دٻائڻ لاء مھرا پاليا ويا آھن۔ ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت کي اچڻ ئي نہ ڏنو ويو آهي. مينيج ڪري آندل حڪمرانن ۽ عوامي قوتن کي دٻائڻ جي ڪري ملڪ ۾ سدائين بحراني حالتون رهيون آهن.اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان ۾ شامل وحدتن کي ڪڏهن بہ برابري وارا حق نہ مليا آهن. جمهوريت ۽ اڪثريت جي نالي ۾ ننڍن صوبن خاص طور سنڌ جو استحصال ڪيو ويو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڏيندڙ صوبا آهن پر اتي جي عوام سڀ کان بدحال زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. جتان تيل ۽ گئس نڪري ٿو، اتي جا ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جا لکين ماڻهو گئس جي بنيادي سهولت کان محروم آهن. پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي، روڊ ناهن، صحت جي سهولت ناهي، تعليم کان محروم رکيو ويو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام کي ترقي کان بلڪل محروم رکيو ويو آهي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي لٽڻ لاءِ پيپلز پارٽي کي مسلسل چوٿون ڀيرو اقتدار ڏئي سنڌ تي مسلط ڪيو ويو آھي. پاڪستان ۾ اليڪشن نظام يرغمال آھي ڪٺ پتلي حڪمران مڙھي سنڌ کي تباھ ڪيو ويو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي. ھڪ طرف پاڪستان عالمي طاقتن جي گھيري ۾ آھي ٻئي طرف ڪرپٽ حڪمران بلوچستان ۽ سنڌ جا وسيلا لٽي رھيا آھن. جدوجھد جي باھ جا شعلا بلند ٿيندا تہ ڪرپٽ حڪمران ھلي نہ سگھندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ ميگا پروجيڪٽ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ادارن ۽ وفاق جي حوالي ڪرڻ قبول ناهي. پيپلز پارٽي ٻيھر اقتدار لاءِ سنڌ جون زمينون، درياھ ۽ وسيلا وفاق حوالي ڪري ڇڏيا آهن. پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت کي اھڙو ڪو اختيار ناھي جو سنڌو درياھ، سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا وڪڻي. مختلف منصوبن جي نالن ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين وفاق حوالي ڪري سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان سان ناانصافي آهي سنڌ جو عوام ڪئنال، وسيلن ۽ زمينن قبضن خلاف ساھ جي آخري ھڏڪي تائين مزاحمت ڪندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي جي حڪمراني سنڌ کي المين جي سرزمين ٺاھي ڇڏيو آھي. پ پ حڪومت جا وزير مرضي جا ايس ايس پي رکن ٿا، پسند جا تپيدار ۽ مختيارڪار رکن ٿا، ڊي سي بہ مرضي جا رکن ٿا، سمورن کاتن ۾ پنھنجو حڪم مڃيندڙ آفيسر مقرر ڪن ٿا، جيڪو آفيسر حڪم نٿو مڃي ان جي نوڪري داءُ تي آندي وڃي ٿي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پوليس کي خبر آھي تہ ڪيترو بہ ڪرائيم ٿئي، انھن جي نوڪري کي ڪو بہ لھر ئي لوڏو ناھي، جيستائين ايم پي اي، ايم اين اي ۽ وزير صاحب جي مرضي جا ڪم ٿيندا رھندا تيستائين زمين ۽ آسمان لڏي وڃن تڏھن بہ ڪجھ نہ ٿيندو.ايس ايس پي کان وٺي ايس ايچ او تائين ڪنھنجي ڪرسي کي لوڏو نہ ايندو.