صحافي خاور حسين جي موت ۽ حقيقتون

ليکڪ: راجا بلوچ

صحافي خاور حسين جي موت ۽ حقيقتون

صحافت اهو شعبو آهي جيڪو سچائي، حق گوئي ۽ عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجي جان جي قرباني ڏيڻ کان به نه ڪيٻائيندو آھي، پاڪستان جي صحافتي تاريخ اهڙن بي شمار نالن سان ڀري پئي آهي، جن سچ جي رستي تي هلندي پنهنجي زندگيون قربان ڪيون انهن ۾ هڪ نالو خاور حسين جو بہ آهي. خاور حسين هڪ دلير ۽ بيباڪ صحافي هو، هن هميشه مظلومن جي آواز کي بلند ڪيو ۽ ڪرپشن، بدعنواني ۽ سماجي ناانصافين خلاف قلم جو جهاد جاري رکيو. هو ان ڳالهه تي يقين رکندو هو ته صحافت صرف خبر ڏيڻ جو نالو نه پر اها هڪ ذميواري آهي جيڪا سماج جي درست رهنمائي ڪري ٿي. پنهنجي پيشيواراڻي زندگي ۾ خاور حسين هر ان قوت کي للڪاريو، جيڪا عوام جي حقن کي غصب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. اها ئي جرئت مندي هن جي موت جو سبب بڻي. دشمنن هن جي زبان کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر حقيقت ۾ ان جو رت آزادي صحافت ۽ سچائي جي رستن کي وڌيڪ روشن ڪري ويو. خاور حسين پنهنجي قرباني سان اهو ثابت ڪيو ته قلم جي طاقت کي ڪڏهن به ختم نٿو ڪري سگهجي. هو اڄ اسان جي وچ ۾ موجود نه آهي، پر سندس مشن، سندس فڪر ۽ سندس پيغام زنده آهي. سندس موت پاڪستان جي صحافين ۽ نوجوان نسل لاءِ مشعلِ راهه آهي. سندس خدمتون ۽ قرباني اسان کي اهو سيکارن ٿيون ته سچائي ۽ اصولن تي قائم رهندڙ انسان ڪڏهن نه ٿو مري. سندس نالو هميشه تاريخ ۾ سونهري اکرن سان لکيو ويندو ۽ سندس قرباني آزادي صحافت جو استعارو بڻيل رهندي. صحافي خاور حسين جي موت جون تلخ حقيقتون بيان ڪرڻ سندس جدوجهد ۽ قرباني کي وڌيڪ سمجهڻ ۾ مدد ڏين ٿيون، هيءَ هڪ تلخ حقيقت آهي ته خاور حسين جهڙن صحافين کي رياستي سطح تي ڪو تحفظ نٿو ملي. هن جي زندگي کي خطرا هوندي به سندس حفاظت لاءِ ڪو قدم نه کنيو ويو. سندس موت سان جڙيل اهي خواھد ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته کيس سوچيل سمجهيل منصوبي تحت نشانو بڻايو ويو. هي قتل فقط هڪ شخص جو قتل نه پر صحافتي آزادي تي حملو هو. سندس رت اها ياد ڏياريندو رهي ٿو ته صحافين کي تحفظ ڏيڻ رياست جي بنيادي ذميواري آهي، ٻي صورت ۾ اهڙا سانحا بار بار جنم وٺندا رهندا. سنڌ حڪومت هڪ هاءِ ليول ڪميٽي ٺاهي آهي، جنهن ۾ ايڊيشنل آءِ جي آزاد خان، ڊي آءِ جي عرفان بلوچ، ايس ايس پي سانگهڙ عابد بلوچ شامل آهن، جيڪي مڪمل جاچ بعد رپورٽ آءِ جي سنڌ کي پيش ڪندا. ميڊيڪل بورڊ پڻ جوڙيو ويو جيڪو موت جو سبب ڄاڻائي رپورٽ منظر عام تي آڻيندي، نئين پوسٽ مارٽم حيدرآباد جي سينٽرل اسپتال ۾ ڪئي وئي، ڇو⁠تہ شروعاتي رپورٽ ۾ خاميون هيون. ٻي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڊاڪٽرن تصديق ڪئي ته لاش تي ڪو به تشدد يا زخم جا نشان نه هئا، پر حتمي راءِ ڏيڻ لاءِ مڪمل فرانزڪ رپورٽ جو انتظار آهي. مختلف صحافتي تنظيمون جيئن ڪراچي پريس ڪلب، ملير پريس ڪلب ۽ سنڌ جا صحافتي حلقا هن واقعي جي شفاف ۽ غير جانبدار جاچ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. جڏهن⁠ تہ صحافي خاور حسين جي والد خودڪشي جو امڪان رد ڪندي ان کي قتل قرار ڏنو آهي. سندس چوڻ آهي ته خاور هڪ بهادر شخص هو، جنهن جا ڪي به دشمن نه هئا. خاور حسين جي شهادت رڳو هڪ فرد جو نقصان نه پر آزادي صحافت تي حملو آهي. هن جي موت جون تلخ حقيقتون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته اڄ به پاڪستان ۾ حق ۽ سچ جا علمبردار تنگ ڪيا وڃن ٿا پر سندس قرباني اهو عهد آهي ته سچ دٻائي ته سگهجي ٿو پر ختم نٿو ڪري سگهجي.