English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ترقي جي نالي تي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضي جو منصوبو آھي: اياز لطيف پليجو
217 views
|
22nd Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جا ماڻھو سنڌو درياھ، زمينن، وسلين ۽ پنھنجي حقن لاء ۽ خراب حڪمراني خلاف جدوجھد تيز ڪن
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضي جو منصوبو آھي. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين ۽ ادارن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جو سنڌ دشمن منصوبو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا ماڻھو پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت مان اميد ڪرڻ بدران سنڌو درياھ، زمينن، وسلين ۽ پنھنجي حقن لاء ۽ خراب حڪمراني خلاف جدوجھد تيز ڪن.اصل طاقت پورھيت، ھاري ۽ محنت ڪش عوام آھي. سنڌ جا ماڻھو مصلحتن خاموش ويھڻ ۽ ٻين جي اٿڻ جو انتظار ڪرڻ بدران پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن. ناانصافيون بدراشت نہ ڪيو. حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪيو. حڪمران ڪمزور آھن. عوام جي خاموشي ڪرپٽ حڪمرانن کي طاقتور بنائي ٿي.اياز لطيف پليجي چيو تہ غريب، پورھيت، ھاري پنھنجي بنيادي حقن لاء ٻڌي ڪن قومي، انساني ۽ بنيادي حقن جي جدوجھد لاءِ اڳتي اچن. 18 سال ۾ ھڪ نئون نسل جوان ٿي وڃي ٿو. پ پ حڪومت سنڌ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي. زراعت تباھ کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آهي پاڻي تي ڌاڙا لڳي رھيا آھن. قومي وسيلا ۽ لکين ايڪڙ زمين تين وال ڪيو پيو وڃي. ڪا بہ نئين صنعت ۽ نئين يونيورسٽي قائم نہ ٿي آھي. حڪمرانن مان ڪو بيمار ٿئي ٿو تہ اھو سنڌ جي اسپتالن مان علاج ڪرائڻ بدران دبئي، آمريڪا يا ٻين ملڪن ڏانھن علاج لاءِ ڀڄي وڃي ٿو. سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ ملندڙ دوائون نقلي آھن. ٽيسٽن جون سھولتون ناھن. اڪثر اسڪولن ۽ ڪاليجن جي حالت بہ بدتر آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ حڪومت بدران مافياز جو راڄ آھي. منشيات، ڦورو، ڌاڙيل، لينڊ گريبر، نقلي دوائون، نقلي ڀاڻ، نقلي ٻج، کاڌي پيتي جي شين ۾ ڪيميڪل جي ملاوٽ ڪندڙ ۽ ٻي مافيا ايتري طاقتور آھي جو انھن خلاف ڪير بہ ڪارروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي. نوڪريون ۽ ڊگريون وڪرو ڪندڙن کي وزيرن جي سرپرستي حاصل آھي. سرڪاري آفيسن ۾ ڪرپٽ مافياز آھي. جيڪو جيترو طاقتور آھي اھو پنھنجي مرضي جا قانون ٺاھي ويٺل آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے