English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو باءِ پاس تي هانءُ ڏاريندڙ حادثو، تيز رفتار ڊمپر موٽرسائيڪل سوارن تي چڙهي ويو، نينگري سميت 3 ڄڻا چيڀاٽجي فوت، 2 زخمي
views
|
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) ٺٽي ۾ باء پاس ويجھو سجاول روڊ تي محسن هائوس جي سامھون هڪ تيز رفتار ۽ بي قابو ڊمپر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻي ڪڍيو. جنھن جي نتيجي ۾ ارشاد پٽ منا شاهه، ارشاد عرف ڪارو پٽ اعجاز شاهه ۽ 2/3 سالن جي معصوم ڇوڪري بيبي شهناز ڌيءَ امير شاهه جيڪي سڀئي بلڙي شاهه ڪريم ضلعو ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ قاسم شاهه جا رهواسي هئا، موقعي تي ئي فوت ٿي ويا.حادثي ۾ فوت ٿيل معصوم ڇوڪري جي ماءُ فهميده شاهه ۽ هڪ ٻي ڇوڪري سخت زخمي ٿي پيا، لاشن ۽ زخمين کي ريسڪيو 1122 ايمبولينس ذريعي سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو، جتي ماحول سوڳوار ٿي ويو، اکين ڏٺن شاهدن موجب ڊمپر تيز رفتاري سبب ڪنٽرول وڃائي ڇڏيو ۽ اڳيان ھلندڙ موٽرسائيڪل مٿان چڙھي ويو. حادثي کان پوءِ مقامي ماڻهن ڊمپر جو پيڇو ڪري پٺاڻ ڪالوني جي ويجهو روڪي ڊرائيور تي تشدد ڪرڻ کان پوءِ پوليس جي حوالي ڪيو ويو. مڇريل شهرين ڊمپر کي باهه ڏيڻ جي ڪوشش به ڪئي، پر پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي صورتحال تي ضابطو آندو. سنڌ پوليس ضلعي ٺٽي پاران جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته حادثي کان پوءِ ڊمپر نمبر جي وي-2470 کي قبضي ۾ ورتو ويو آهي جڏهن ته ڊرائيور ميلا خان ولد مروت خان پٺاڻ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ پوليس جي نگراني ۾ سول اسپتال مڪلي پھچايو ويو. ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي سخت حڪم تي گرفتار ڊرائيور خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. پوليس فوت ٿيلن جي خاندانن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. گذريل 10 ڏينهن ۾ صرف هن ھڪ ئي هنڌ تي 6 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. اڄوڪي حادثي کان اڳ جعفر بروهي، ذوالفقار ۽ عباس جاکرو کي تيز رفتار ٽرالر چيڀاٽي ماري ڇڏيو هو. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ٽريفڪ پوليس جي مبينا طور تي ڀتا خوري ۽ لاپرواهي سبب شهر ۾ وڏي ٽرئفڪ کي داخل ٿيڻ ڏنو ويندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن. سول سوسائٽي، صحافتي تنظيمن ۽ شهرين حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته ٺٽو-سجاول ۽ ٺٽو-حيدرآباد سنگل روڊن کي فوري طور تي ڊبل روڊن ۾ تبديل ڪيو وڃي. تيز رفتار ٽرالرن، ڊمپرن ۽ ڳري ٽرئفڪ تي اثرائتي پابندي لاڳو ڪئي وڃي.ٽريفڪ پوليس جي مبينا ڀتا خوري ۽ لاپرواهي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ ملوث ڀتاخور پوليس اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.ڌاٻيجي، گهارو، مڪلي بائي پاس ۽ ٺٽي ٽريفڪ چيڪ پوسٽن تي رشوت جي عيوض ڳري ٽريفڪ کي گذرڻ جي اجازت ڏيندڙن خلاف به فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف ٽنهي فوت ٿيل ماڻهن جي اوچتو موت سبب بلڙي شاهه ڪريم ۽ ٺٽي ۾ سوڳ جي فضا ڇانيل آهي، مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪومت ۽ پوليس پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن ها ته معصوم جانيون بچي سگهن ها.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن تي ڌاڙو نامنظور
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبرپختونخوا، کشمیر، گلگت میں ہلاکتیں 400 سے متجاوز، شدید بارشوں کی پیشگوئی
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
لودھراں عوام ایکسپریس کو حادثہ، ایک مسافر جاں بحق، 20 سے زائد زخمی۔
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
ڈان نیوز کراچی کے رپورٹر خاور حسین کی لاش سانگھڑ میں گاڑی سے برآمد
17th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن تي ڌاڙو نامنظور
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
بوزداروڏا ٿاڻي جي حد ڳوٺ صبڙ خان رند واسڻ ناري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ريڙهي ڳوٺ ۾ معصوم ٻارڙو کليل گٽر ۾ ڪِري پيو
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ ۾ شديد برساتن جي اڳڪٿي باوجود سنڌ ۾ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو باءِ پاس تي
حادثو
ڊمپر
0 تبصرے