شڪارپور ۾مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان 3 ڄڻا قتل، عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي

شڪارپور ۾مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان 3 ڄڻا قتل، عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي

شڪارپور(احسان ابڙو) شڪارپور جي لکي غلام شاھ تعلقي جي ڳوٺ عامل مهر ۾ پراڻي زميني تڪرار تان مهر برادري جي ٻن ڌرين سئوٽن علي محمد مهر ۽ غوث بخش مهر ۾ جهيڙو ٿي پيو، جديد هٿيارن سان هڪٻئي مٿان فائرنگ ڪري ڏني گوليون لڳڻ سبب ٽي ڄڻا مارجي ويا، جنهن ۾ علي محمد مهر جي ڌر جا راهب پٽ علي محمد، سرور پٽ حاڪم مهرقتل ٿي ويا جن جا پوسٽ مارٽم چڪ اسپتال ٿيڻ کان مڙھ وارثن حوالي ڪيا ويا ٻئي طرف ٻي ڌر غوث بخش مهر جي ڌر جو اعتبار پٽ جماالدين قتل ٿي ويو، جن جو پوسٽ مارٽم تعلقه اسپتال لکي غلام شاھ مان ٿيڻ کان پوء مڙھ وارثن جي حوالي ڪيو ويو ٻنھي ڌرين جا مڙھ ڳوٺ عمل مهر جي ڪچي ۾ پهچڻ تي گهر ڀاتين قهرام مچي ويو جڏھن ته علي محمد مهر جي ڌر جون وڌيڪ ٽي عورتون صاحبان ڌيَ ڪالو مهر، حبيبان ۽ سگهران زخمي ٿي پيون آھن، هواڏانهن غوث بخش مھر جي ڌر جا معصوم نينگري شهنيلا ڌيءَ عبدالڪريم ۽ ٻن عورتن بيبل زال جمال الدين، فاطمه ڌيءَ متيري جي زخمي ٿي پيون، ۽ ٻه پيربخش عرف پيرو پٽ جمال الدين مهر، شوڪت پٽ پيربخش عرف پيرو مهر زخمي ٿي پيا آهن، مجموعي طور ٻنهي ڌرين جا مرد ۽ عورتون 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن جن کي مختلف اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، زخمي شھنيلا علي جي نازڪ حالت ٻڌائي پئي وڃي ۽ ٽنهي مارجي ويلن جا لاش پوسٽ مارٽم ڪرائي بعد وارثن ڏانهن اماڻيا ويا آھن، لاش گھر پھچڻ تي گھر ڀاتين ۾ قھرام مچي ويو واقعي بعد ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويٺل آھن ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آھي ٻنھي ڌرين جي مقتولن جا مڙھ پوليس ۽ ھٿيارن ڇانو ۾ تدفين ڪيا ويا