English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو پوليس پاران 18لک رپيا ڦر واردات ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
views
|
17th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
12ڏينهن اڳ دوائن جي ڪمپني مالڪ غضنفر علي ميمڻ کان 18 لک رپيه ڦر ڪري کيس زخمي ڪيو ويو هو
ٺٽو( شفيق ڀٽي)ٺٽو پوليس وڏي ڪاميابي حاصل ڪندي ڦر جي واردات ۾ ملوث ٽن مک جوابدارن محمد حسين عرف بابو پارهيڙي غلام مصطفي دايو ۽ سندس ڊرائيور عمران سمون کي گرفتار ڪري ورتو.جڏھن ته سندن ٻہ ساٿي اشرف ۽ اڪرم پارھيڙي ملاح مفرور آھن ، جڏهن ته گرفتار ٿيل جوابدارن جي قبضي مان ڦر ٿيل رقم مان 5 لک ڪيش، موٽر سائيڪل ۽ ٻہ عدد پسٽل به هٿ ڪيا ويا آهن.ڊي ايس پي هيڊ ڪوارٽر ٺٽو وحيد بيگ لاڙڪ ، ايس ايچ او ٿاڻو ٺٽو انسپيڪٽر ماجد علي ڪورائي، انچارج سي آئي اي ٺٽو عبدالجبار لغاري ، سب انسپيڪٽر راجا ظفر راجپوت، ، انسپيڪٽر فيصل شفيع ميمڻ ، آي ايس آئي شاھ رخ کنڀاٽي، ۽ عاصم جبار ڀٽي جي اڳواڻي ۾ پوليس ٽيم ڪارروائي ڪندي غضنفر علي ميمڻ کان ڦر ٿيل 5 لک روپيا، ڪيش سميت جوابدارن وٽان ڦر ۾ استعمال ٿيل 2 پسٽل ۽ هڪ موٽر سائيڪل برآمد ڪري ورتي ياد رهي ته 5 آڪٽوبر 2025ع تي ٻه موٽر سائيڪلن تي سوار 4 نامعلوم هٿياربند ٺٽو ۾ واپاري غضنفر ميمڻ کان 18 لک روپيا ڦري فرار ٿي ويا هئا. پوليس واقعي بعد فوري طور تي جاچ شروع ڪري، جديد ٽيڪنيڪل طريقي سان ڪارروائي ڪندي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب جوابدارن اعتراف ڪيو آهي ته انهن ئي واپاري کان ڦر ڪئي هئي ۽ واردات ۾ استعمال ٿيل موٽر سائيڪل به سندن قبضي مان ملي آهي. پوليس وڌيڪ جاچ لاءِ جوابدارن جو ريمانڊ حاصل ڪري ورتو آهي.ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي پوليس ٽيم کي ڪامياب ڪارروائي تي ساراهيندي چيو آهي ته شهر ۾ امن امان جي فضا کي برقرار رکڻ لاءِ اهڙيون ڪارروايون جاري رهنديون. هن اعلان ڪيو ته بهترين ڪارڪردگي تي ٽيم جي آفيسرن ۽ عملي کي انعام ۽ تعريفي سندون ڏنيون وينديون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو پوليس پاران 18لک رپيا ڦر
0 تبصرے