ملير: مهراڻ هاءِ وي اسٽيل ملز گيٽ ويجهو ٻن موٽر سائيڪلن ۾ خوفناڪ ٽڪر، ٻه نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا

ملير: مهراڻ هاءِ وي اسٽيل ملز گيٽ ويجهو ٻن موٽر سائيڪلن ۾ خوفناڪ ٽڪر، ٻه نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) مهران هاءِ وي تي اسٽيل ملز گيٽ جي ويجهو تيز رفتاري سبب ٻن موٽر سائيڪلن ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ماڻهو موقع تي ئي فوت ٿي ويا حادثو رات دير سان پيش آيو جنهن بعد علائقي ۾ سوڳ ڇانئجي ويو اطلاع ملڻ شرط رضاڪارن واقعي واري هنڌ پهچي فوت ٿيلن جي لاشن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو۔ فوت ٿيلن جي سڃاڻپ طاهر حسين ولد منظور حسين، عمر 48 سال ۽ دلاور ولد پير محمد، عمر 28 سال جي نالي سان ٿي آهي پوليس موجب، ٻنهي موٽر سائيڪلن ۾ سامهون سامهون ٽڪر ٿيو جنهن جي شدت ايتري هئي جو ٻنهي موٽر سائيڪلن جا ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا ۽ سوارن کي پاڻ سنڀالڻ جو موقعو نه مليو پوليس حادثي واري هنڌ جو معائنو ڪري شواهد گڏ ڪري ورتا آهن، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي۔ پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته ابتدائي طور تي حادثي جو سبب تيز رفتاري ٻڌايو پيو وڃي، پر جاچ مڪمل ٿيڻ بعد وڌيڪ حقيقتون سامهون اينديون۔ فوت ٿيلن جي وارثن کي اطلاع ڏئي نعشون قانوني ڪارروائي کان پوءِ حوالي ڪرڻ جو عمل جاري آهي۔