عوامي ورڪرز پارٽي ڪراچي طرفان ڪامريڊ يوسف مستي خان جي ياد ۾ تعزيتي اجلاس

ڪامريڊ يوسف مستي خان جي ٻي ورسي جي موقعي تي سندن ياد ۾ مراد جعفر ملير ۾ هڪ تعزيتي اجلاس منعقد ڪيو ويو

عوامي ورڪرز پارٽي ڪراچي طرفان ڪامريڊ يوسف مستي خان جي ياد ۾ تعزيتي اجلاس

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) عوامي ورڪرز پارٽي ڪراچي طرفان پارٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ يوسف مستي خان جي ٻي برسي جي موقعي تي سندن ياد ۾ مراد جعفر ملير ۾ هڪ تعزيتي اجلاس منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ مختلف سياسي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.اجلاس جي صدارت عوامي ورڪرز پارٽي جي موجوده مرڪزي صدر ڪامريڊ اختر حسين ايڊووڪيٽ ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته يوسف مستي خان پاڪستان ۾ ترقي پسند سياست جو روشن نالو هو جن پنهنجي سڄي زندگي پورهيتن مظلوم قوميتن ۽ پيڙهيل طبقن جي حقن جي جدوجهد لاءِ وقف ڪئي عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ جاويد اختر چيو ته يوسف مستي خان جي سياسي جدوجهد نوجوانن لاءِ مشعلِ راهه آهي ۽ سندن نظريو اڄ به موجوده سياسي حالتن ۾ رهنمائي فراهم ڪري ٿون. پارٽي اڳواڻ عثمان بلوچ چيو ته يوسف مستي خان جي سوچ ۽ جدوجهد پاڪستان ۾ کاٻي ڌر جي سياست کي نئون حوصلو ڏنو موقعي تي مرحوم جي وڏي ڌيءَ به خطاب ڪيو ۽ پنهنجي والد جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو جيئي سنڌ محاذ جي خالق جونيجو ۽ خدا ڏنو شاهه چيو ته يوسف مستي خان نه رڳو پارٽي اڳواڻ هئا پر سڄي ملڪ جي محڪوم ماڻهن لاءِ آواز بلند ڪندڙ اڳواڻ هئا. هنن چيو ته سندن کوٽ هميشه محسوس ڪئي ويندي اجلاس جي پڄاڻيءَ تي مرحوم لاءِ فاتحه خواني ڪئي ويئي ۽ سندن مشن کي جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو