English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو پوليس پاران ڀاءُ کي قتل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
61 views
|
22nd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ( محمد شفيق ڀٽي)ٺٽو پوليس جي ڪامياب ڪارروائي ڪجهه ڏينهن اڳ گهارو شهر ۾ ڀاءُ پاران پنهنجي ننڍي ڀاءُ انس ڪورائي کي ڪُهاڙي سان مارڻ ۾ ملوث جوابدار کي واقعي ۾ استعمال ٿيندڙ ڪُهاڙي سميت گرفتار ڪري، ڪيس داخل ڪيو ويو. تفصيل موجب، 17 سيپٽمبر 2025 جي رات گهارو جي نيازي ڪالوني پوليس اسٽيشن جي حد ۾ وڏي ڀاءُ عبدالمالڪ ڪورائي پنهنجي ننڍي ڀاءُ انس ڪورائي کان موبائل فون لاءِ پئسا گهريا. جنھن تان تڪرار ٿيو، جنهن تي وڏي ڀاءُ پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي ڪُهاڙي سان وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو. جنھن کي پوليس جي نگراني ۾ علاج لاءِ رورل هيلٿ سينٽر گهارو منتقل ڪيو ويو جتان کيس جناح اسپتال ڪراچي ريفر ڪيو ويو ھو جتي انس ڪورائي زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو. مقتول جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ رورل هيلٿ سينٽر گھارو منتقل ڪيو ويو، ۽ مقتول جي وڏي ڀاءُ محمد ابراهيم ڪُورائي جي شڪايت تي گھارو پوليس اسٽيشن ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 302 تحت ڪيس نمبر 202/2025 داخل ڪيو ويو.ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي ان واقعي جو سخت نوٽيس ورتو ۽ ايس ڊي پي او گھارو، ايس ايڇ او گھارو ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن جي سربراهي ۾ هڪ ٽيم ٺاهي.جاچ دوران، ايس ڊي پي او ساڪرو ڊي ايس قادر بخش خاصخيلي، ايس ايڇ او گھارو انسپيڪٽر محمد علي ڌامراھ پنهنجي عملي سان گڏ اطلاع ملڻ تي نيو ڪيفي عمران ويجهو ڪاميابي سان آپريشن ڪيو ۽ قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار عبدالمالڪ ڪُورائي کي گرفتار ڪيو.شروعاتي جاچ دوران، گرفتار جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي، ۽ جوابدار جي سڃاڻپ تي قتل ڪيس ۾ استعمال ٿيل ڪهاڙي به هٿ ڪئي وئي آهي. وڌيڪ جاچ جاري آهي.ايس ايس پي ٺٽو قتل ڪيس کي جلد حل ڪرڻ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي پوري پوليس ٽيم کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو پوليس پاران
ه ڏينهن اڳ گهارو شهر ۾
0 تبصرے