ملير: گهگهر قومي شاهراهه تي رڪشا اڏن ۽ ريڙهن خلاف ڪارروائي

ڊي سي ملير سليم الله اوڍو جي هدايت تي اي سي ابراهيم حيدري جي اڳواڻي ۾ ڪارروائي

ملير: گهگهر قومي شاهراهه تي رڪشا اڏن ۽ ريڙهن خلاف ڪارروائي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڊپٽي ڪمشنر ملير سليم الله اوڍو جي حڪم تي اي سي ابراهيم حيدري ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي اڳواڻي ۾ گهگهر قومي شاهراهه تي غير قانوني رڪشي جي اڏن ۽ ريڙھن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، تفصيل موجب عوامي شڪايتن تي ڊپٽي ڪمشنر ملير سليم الله اوڍو جي حڪم تي اسسٽنٽ ڪمشنر ابراهيم حيدري معروف ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمنٽ ڪفايت جتوئي پوليس اٽالن سان گڏجي قومي شاهراهه گھگھر تي غير قانوني طور قائم ٿيل رڪشي سوزوڪين جي اڏن ۽ ريڙھي توڙي ڪيبن وارن کي ھٽائي ڇڏيو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪاروائي عوامي شڪايتن تي ڪئي وئي آهي شھرين ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون آهن روڊ جي ٻنهي پاسن کان ريڙھي وارن جا قبضا ھئا جتي عام شهرين کي گذرڻ به ڏکيو پيو ٿئي اسان ڪجهه ڏينهن اڳ ھنن کي نوٽيس به ڏنا ھئا پر ڪو عمل نه ٿيو اڄ ڪاروائي کان پوءِ اگر ٻيھر انڪروچمنٽ ڪئي وئي ته گرفتاري به عمل ۾ آڻي سگهجي ٿي.