عمرڪوٽ ۾ گھريلو تشدد جي قانون بابت سيشن منعقد, قانون جي اثرائتي عملدرآمد لاءِ روڊ ميپ ۽ لاڳاپيل کاتن جي ذميوارين تي بحث

عمرڪوٽ ۾ گھريلو تشدد جي قانون بابت سيشن منعقد, قانون جي اثرائتي عملدرآمد لاءِ روڊ ميپ ۽ لاڳاپيل کاتن جي ذميوارين تي بحث

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سورھيه بادشاھ ڪامپليڪس عمرڪوٽ ۾ گھريلو تشدد بابت سنڌ جي قانون ۽ ان جي عملدرآمدي روڊميپ تي ڊويزنل اسٽيڪ هولڊر سيشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف سرڪاري کاتن ۽ جينڊر بيسڊ وائلنس (GBV) سروس پرووائيڊرز کي قانون بابت آگاهي ڏني وئي، سيشن ۾ سيف هائوسز، دارالامان، چائلڊ پروٽيڪشن يونٽس، صحت کاتي، پوليس، پراسيڪيشن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي، پروگرام جي شروعات ۾ ايڊووڪيٽ روبينا بروھي، پاليـسي ۽ ايڊووڪيـسي مينيجر پاٿ فائينڊر انٽرنيشنل شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چيو ۽ تفصيل سان ملٽي سيڪٽورل ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي ۽ ان جي ٽيڪنيڪل ورڪنگ گروپس بابت آگاهي ڏني، جيڪا چيف سيڪريٽري سنڌ جي سربراهيءَ ۾ ڪم ڪري رهي آهي، هن ٻڌايو ته سنڌ پاڪستان جو پهريون صوبي هو، جنهن 2013ع ۾ گھريلو تشدد خلاف قانون پاس ڪيو، جيڪو عورتن جي تحفظ لاءِ هڪ اهم قدم هو، پر سالن کان عملدرآمد ۾ کوٽ، کاتن جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن جي کوٽ ۽ وسيلا نه ملڻ سبب چيلينجز موجود آهن، ان موقعي تي بئرسٽر رِدا طاهر قانون ۾ تجويز ڪيل ترميمن بابت تفصيلي پريزنٽيشن ڏني، عورتن جي ترقي کاتو (WDD) گڏيل قومن جي آبادي فنڊ (UNFPA) ۽ پاٿ فائينڊر انٽرنيشنل سان گڏجي هاڻي قانون کي وڌيڪَ اثرائتو بڻائڻ لاءِ قدم کنيا آهن، ان ۾ قانوني ترميمن، وسيلن جي بهتر ورهاست ۽ ادارتي ميڪانيزم شامل آهن، ان حوالي سان سنڌ هومن رائٽس ڪميشن، UNFPA ۽ پاٿ فائينڊر جي سهڪار سان 2024ع ۾ روڊميپ لانچ ڪيو ويو هو، سيشن ۾ ڳالهائيندي اي ڊي سي ون عمرڪوٽ جاويد ڌاهري هن کي هڪ ڪامياب گڏجاڻي قرار ڏيندي چيو ته سڀ لاڳاپيل کاتا هتي گڏ آهن، ۽ هن مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو، ان موقعي تي ڊي ايس پي ذوالفقار عباسي، مسز تهمينه رحمان، مسز فريدة طاهر، مسز نازيا فاروق ۽ ٻين به خطاب ڪيو، پروگرام جي آخر ۾ ميڊيا ڪوآرڊينيٽر سڪندر ٻٻر پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ميڊيا جو ڪردار به هن قانون جي اثرائتي عملدرآمد ۽ عوامي شعور وڌائڻ ۾ اهم آهي، عمرڪوٽ ۾ هي سيشن صوبي اندر ان وڏي مهم جو حصو آهي، جنهن جو مقصد آهي ته گھريلو تشدد خلاف قانون تي عمل ڪندڙ سڀ لاڳاپيل ادارا مڪمل ڄاڻ، اوزار ۽ ادارتي سهڪار سان متاثرن کي تحفظ ۽ انصاف پهچائي سگهن.