English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ کي جاگيرداري، سرداري ۽ وڏيري شاھي نظام کان آزاد ڪراڻو پوندو: اياز لطيف پليجو
4 views
|
17th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڪارپوريٽ فارمنگ يا پبلڪ پارٽنرشپ ڌاڙيل منصوبو آھي. سازش تحت سنڌ اندر ننڍيون ننڍيون رياستون ٺاھيون وينديون
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ سنڌ کي جاگيرداري، سرداري ۽ وڏيري شاھي نظام کان آزاد ڪراڻو پوندو. ڪارپوريٽ فارمنگ يا پبلڪ پارٽنرشپ ڌاڙيل منصوبو آھي. گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ اندر ننڍيون ننڍيون رياستون ٺاھيون وينديون سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪري حق حڪمراني کان پري رکيو ويندو. جيستائين سنڌ دشمن ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جو منصوبو رد نہ ڪيو ويندو ان وقت تائين جدوجھد جاري رھندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ڪرپشن، ڌاڙيل ڪلچر، ميرٽ جي لتاڙ، بيروزگاري سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي سنڌ جا خوشحال ماڻهو عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ھن وقت سڀ کان وڌيڪ سنڌ مسئلن جي گھيري ۾ آھي، سنڌ جا ماڻھو بکيا ڪونہ آھن، سڀ وسيلا سنڌ ۾ 72 سيڪڙو گيس، 59 سيڪڙو پيٽرول، وڏي بندرگاھ، ڪارونجهر جپسم، گرينائيٽ سنڌ وٽ، ڪوسٽل بيلٽ سنڌ وٽ، دنيا جو ڇھون نمبر وڏي ۾ وڏو ڪوئلي جو ذخيرو سنڌ وٽ آھي، انھن سڀني وسيلن جي ھوندي انڊر اٽيڪ سنڌ آھي.ھن دور ۾ سنڌ مسئلن ۾ گھيريل آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ھٿ وٺي غربت ۽ بدحالي جي کڏ ۾ اڇلايو ويو آھي. زرعي تباھي جي ڪري سڀ کان وڌيڪ غربت ۽ بيروزگاري جنم ورتو آھي. سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام کان مڪمل لاتعلق آھن. ڪرپٽ حڪمرانن جي ايجنڊا صرف پئسي جي ڦرلٽ آھي. جنھنڪري سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالون موت جو گھر آھن. اسڪولن ۽ ڪاليجن جي حالت رحم جوڳي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي اقتدار جي حوس خاطر سنڌ دشمن فيصلا ڪري رھي آھي، سنڌ سرڪار جي سنڌ دشمن فيصلن جي ڪري سنڌ گھڻ رخي مسئلن ۾ جڪڙيل آھي.ايازلطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت جا سمورا کاتا عوام آزار بنجي ويا آھن پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ ۾ تعليم، صحت، روزگار، زراعت، صنعت، آئي ٽي ٽيڪنالاجي، خوشحالي ڏيڻ بدران سنڌ جي ماڻھن کي پينو فقيرن جو لشڪر بنائڻ چاھي ٿي تہ جنهن سنڌي ماڻھن ۾ پنھنجن بنيادي حقن لاءِ سياسي مزاحمت پيدا نہ ٿئي، جرئت نہ ٿئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Nov 2025
•
سندھ
گلشن معمار میں پانی کی قلت کا مسئلہ فوری حل کیا جائے: سید امتیاز الحق بخاری
17th Nov 2025
•
پاکستان
ایف آئی اے کی آئی ایم ایس ایچ ری رپورٹنگ میں اعلیٰ کارکردگی پر کراچی ایف آئی اے کے لاس کلسینس ایوارڈ؛ مؤفقی قیادت کی واضح توثیق
17th Nov 2025
•
تازہ ترین
سندھ کی تقسیم کا سوال ہی پیدا نہیں ہوتا، یہ ناممکن ہے: شرجیل میمن
17th Nov 2025
•
تازہ ترین
پیپلز پارٹی خبردار رہے، بلدیاتی اصلاحات روکی گئیں تو سندھ میں نیا صوبہ بھی بن سکتا ہے: مصطفیٰ کمال
17th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪيسن کان نٿا ڊڄون، سنڌ کي ٽوڙڻ نه ڏينداسين, 7ڪروڙ سنڌين جو سنڌياڻي تحريڪ جي باشعور ڀينرن ۾ ساهه آهي: وسند ٿري
17th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ مگسي سوشل اتحاد سنڌ جي چيئرمين بھادر خان مگسي پاران تقريب منعقد
17th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
سامارو ۽ سي آءِ اي پوليس جي ڪارروائي، 4 ڄڻا گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
17th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران هڪ منشيات فروش کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه
0 تبصرے