منهنجو بابا

فوزيا سنديلو

منهنجو بابا

ڪچي رستي تي هلندي ڏاند گاڏيءَ جي ڦيٿن جا چرڙاٽ فضا ۾ مسلسل هڪ ڏڪڻي پيدا ڪري رهيا هئا. رستي جي دل ڌڙڪي رهي هئي. ڪاٺ جي اُ ن گاڏيءَ تي رکيل پلال مٿان وڇايل رلهي تي هڪ ٻار ستل هيو جنهن جي بچڻ جي اميد گهٽ هئي. ان وقت هڪ ماءُ جي دل اندر سوين اُلڪا پلجي رهيا هئا ۽ پيءُ به نراسائيءَ منجهان خالي خالي نظرن سان ان معصوم جي منهن ۾ تڪي رهيو هو. تڏهن اچانڪ هڪ ڀڀوت مست پٺيرو وچ رستي تي ان ڏاند گاڏيءَ اڳيان بيهي چوڻ لڳو ”گهر کڻي وڃوس ڪجهه ڪونه ٿيندس، خوش ٿي ويندو.“ ان مست جي لفظن ۽ هٿ جي اشاري نااميد پيءُ جي دل ۾ اميد جاڳائي جيڪو پنهنجي بيمار پٽ کي طبيب کي ڏيکارڻ پئي ويو، اهو معصوم بيمار ٻار منهنجو بابا قربان علي هيو جنهن جي بيماريءَ ۽ مست جي ڪيل اشاري بابت اها ڳالهه مون کي منهنجي وڏي پڦي ارباب ٻڌائي هئي.
هڪ دفعو نه پر جڏهن به بابا جو ذڪر ڪندي آهي ته ان مست جي ڪيل هٿ جي اشاري جو ذڪر ڪندي آهي ته ايئن لڳندو آهي ڄڻ اهو مست نه پر ڪوئي حياتي بخشيندڙ فرشتو هجي جيڪو نراس پيءُ ۽ ڏکويل ماءُ کي آٿت ۽ پڪ ڏيڻ آيو هجي ته هن ٻار کي ڪجهه ڪونه ٿيندو. واقعي منهنجو بابا ڪجهه ئي ڏينهن ۾ بلڪل تندرست ٿي ويو.
جڏهن به پنهنجي ان فرشتي صفت بابا تي لکڻ جو سوچيندي آهيان ته اذيتناڪ درد بانبڙا پائي اچي ذهن تي سوار ٿيندو آهي. لکڻ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏيندي آهيان، ان جنت جهڙن ڏينهن کي ياد ڪري دل تڙپي پوندي آهي، اهو خوابن جهڙو خوبصورت وقت ايئن اُڏامي هليو ويو جيئن بابا جو روح جسم کان مسڪرائيندي آسمان جي وسعتن ۾ سمائجي ويو. اهو وقت ڪيترو مختصر خوبصورت ۽ پرسڪون هيو جڏهن گهر جي ڪشادي اڱڻ تي گلابن کي پاڻي ڏيندي بابا جا ٽهڪ گونجندا هئا. سياري جي سرد صبحن ۾ مٽيءَ جي ٺهيل چلهه ۾ ٻرندڙ ٽانڊن تي هٿ سيڪيندي بابا ريڊيو تي هلندڙ لتا جا گيت ٻڌندي چانهه پيئندو هو. پنهنجي باغ جي ڀر ۾ ڪرسي تي ويهي اخبار پڙهندو هو يا ڪوئي ڪتاب. مينهوڳيءَ جي مند ۾ جڏهن ڪڪر ڪارونڀار ڪري وسڻ لڳندا هئا ته بابا لاءِ پلاءُ ته ڪڏهن مڇي ۽ چانور ٺاهي کڻي ويندي هيس ته اهي پل ڪيڏا نه وڻندڙ هوندا هئا. بابا خوشيءَ مان کائڻ لڳندو هو. اهو وقت ڪيڏو قيمتي هو، ڪيڏو خوبصورت هو.
بابا تمام حساس ۽ معصوم دل رکندڙ انسان هيو جنهن پنهنجي سڄي زندگي هڪ اهڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ گذاري جنهن جا ڪچا گهر ۽ انهن ڪچن گهرن جا اڱڻ وڏن ڊگهن وڻن سان ڍڪيل هوندا هئا. ڳوٺ جي چوڌاري سرسبز ٻنيون ۽ انهن ٻنين ۾ زيتونن جا باغ ان جي حسن ۾ اضافو ڪري ڇڏيندا هئا. هڪ طرف دادو ڪئنال وهندو هو جتي ٻي ڀر وڃڻ لاءِ ٻيڙي استعمال ڪئي ويندي هئي. ان ڪئنال جي ڪناري سان پڻ ڊگها ۽ گهاٽا نم جا وڻ بيٺل هوندا هئا. انهن وڻن جي وڻندڙ ڇانوَ هيٺان، اڳيان وهندڙ دادو ڪئنال جي مٽيءَ هاڻي پاڻي جي وهڪري جي دل لڀائيندڙ موسيقي ٻڌندي بابا ويهي ڪتاب پڙهندو هيو. گهر جي گوڙ واري ماحول مان نڪري ڪئنال جي پرسڪون ماحول ۾ ويهي پڙهڻ جو هڪ الڳ ئي رومانس هيو، جتي نم جي وڻن تي ويٺل پکيئڙن جون مٺيون ٻوليون ٻڌي بابا فطرت سان محبت ۾ وڪوڙجي ويندو هو.
فطرت جي اهڙي محبت جي طاقت ڪري ئي بابا ٻنين وچ ۾ ٻه ڪچا ڪمرا ٺهرايا جنهن جي چوڌاري هڪ وڏي اوڏڪي ڀت ڏياري وئي هئي. ان گهر جو اڱڻ ڪشادو هيو، اتي بابا قسمين قسمين گل، ٻوٽا ۽ وڻ پوکيا هئا. اڱڻ جو ڪجهه حصو ڇڏي باقي اڳيان واري حصي ۾ ڇٻر سان گڏ ليمن جا وڻ، املتاس، گل مهر،انب، ڦاروا، ڏاڙهون ۽ ٻئي طرف بيد جا وڻ پوکيا هئا. وچ ۾ خوبصورت سفيد رابيل ۽ گلاب جا ڳاڙها گل پوکيل هئا. مٽي اهڙي جو ڪجهه پوک ته ٿورن ڏينهن اندر ئي سهڻا ٻوٽا زمين چيري ٻاهر نڪري جهومڻ لڳندا هئا. ان سائي چهچ ڇٻر تي ويهي بابا پنهنجي دوست چاچا بچل سان ڪچهريون ڪندو هو يا ڪڏهن ويهي ڪتاب پڙهندو هو.
ڪتابن لاءِ ڪمرن جي ڀتين ۾ جاريون ٺهيل هونديون هيون جتي دنيا جي عالمي ادب کان وٺي سنڌيءَ جا پڻ ڪيترائي ڪتاب رکيل هوندا هئا. انهن کليل جارين ۾ رکيل ڪتابن مٿان گهريتڙيون چالاڪيءَ سان گهر ٺاهي وينديون هيون ته ڪجهه ڪتابن مٿان تانيئڙن جا نازڪ گهر ٺهيل هوندا هئا. مان انهن ڪتابن کي هٿ لائي سوچيندي هيس ته وڏي ٿي بابا وانگر اهي ڪتاب پڙهنديس.
منهنجي ڏاڏي حاجي ٺارل ۽ ڏاڏي بلقيس بيگم جي وڏي پٽ هئڻ ڪري بابا سڀني گهرڀاتين جي محبتن جو مرڪز هوندو هيو، چاچا ۽ پڦيون به ان سان بي حد محبت ڪنديون هيون. بابا به هڪ ذميوار پٽ جيان آخر تائين هر ذميواري نڀائي. منهنجو ڏاڏو جنهن کي اسان بابا حاجي سڏيندا هئاسين روزي نماز جو پابند هوندو هو ان سان گڏ هو مينهون پالڻ جو وڏو شوقين هيو. مينهن لاء دادو ڪئنال جي ٻي ڀر گاهه ڪرڻ ويندو هو ۽ مٿي تي ڊگهيون گاهه جون ڀريون اڪيلو کڻي ٻيڙي تي واپس ايندو هو. ان جون مينهون سڄي ڳوٺ ۾ مشهور هونديون هيون، گهر ۾ پنهنجي مينهن جو کير هوندو هيو، منهنجي ڏاڏي ۽ امان اسر ويل پکيئڙن جي آوازن سان گڏ اٿنديون هيون، ڏڌ ولوڙينديون ۽ ناشتو تيار ڪنديون هيون.
گڏيل وڏو خاندان هڪ ڇت هيٺ ڪيڏي نه ميٺ محبت سان گڏ رهندو هيو. جڏهن بابا جا دوست سائين رضوان ۽ چاچا مشتاق گاد ايندا هئا ته وچ ڳوٺ ۾ ٺهيل اسان جي اوطاق جي اڱڻ تي شام جي پهر ۾ بيدن جي وڻن اڳيان کٽن تي هنڌ وڇايا ويندا هئا. امان ۽ ڏاڏي ماني تيار ڪري موڪلينديون هيون جنهن ۾ گهر ۾ پاليل ڪڪڙن جي ڀاڄي به هوندي هئي.
انهن ئي ڏينهن جي هڪ ايذائيندڙ جهلڪَ واچوڙي جيان ذهن کي وڪوڙي وڃي ٿي، منهنجو ننڍڙو ڀاءُ جواد بيمار ٿي پيو هو، جنهن کي لاڙڪاڻي جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي هڪ ڪمرو اسان جي حوالي هوندو هيو جتي امان بابا ۽ مان به انهن سان گڏ رهندي هيس ۽ بابا سان گڏ چاچا بچل به هوندو هيو جيڪو بابا جو ڀائرن جهڙو دوست هيو. رات جو چاچا اظهار هوندو هيو جيڪو ڪجهه وقت لاءِ مون کي ان ڪمري کان ٻاهر وٺي لاڙڪاڻي جا روڊ رستا گهمائي موٽي ايندو هو. پاڙي جون رشتيدار مايون ٻارڙي جي طبيعت پڇڻ لاءِ پيون ڳوٺ کان اينديون وينديون هيون. گهروارن لاءِ اهو هڪ ڏکيو آزمائش جو وقت هيو. منهنجو اهو ننڍڙو، وڏين اکڙين ۽ ڪشادي نرڙ وارو معصوم ڀاءُ جيڪو چئن مهينن جي عمر جو هيو ۽ ڊاڪٽرن کي ڏسي روئڻ لڳندو هيو، اهو آنڊي جي انفيڪشن سبب گذاري ويو.
بابا ان صدمي کي خاموشيءَ سان برداشت ڪيو، ان معصوم ننڍڙي ڀاءُ جي پيلي رنگ جي قميص ڪيترائي ڏينهن گهر ۾ پيل هوندي هئي ۽ مان اڪثر کڻي ان جي خوشبو محسوس ڪندس هيس. زندگيءَ جو اهو پهريون معصوم ڏک هيو جيڪو اڄ به دل کي رهڙي وجهي ٿو ۽ لفظ سڏڪا بڻجي پنن تي وکرڻ لڳن ٿا. ڪجهه سالن بعد گهر ۾ ٻيهر جواد جو جنم ٿيو پر پهرين جواد جو درد دل جي ڪنهن خاني ۾ اڄ به دکي رهيو آهي.
بابا بي انتها خيال رکندڙ هڪ اهڙو پيءُ هيو جيڪو اسان جي ننڍڙي ننڍڙي تڪليف تي جلدي بي چين ٿي ويندو هيو. جڏهن ڪو موسمي بخار يا کنگهه ٿي پوندي هئي ته بابا طرفان ايترو خيال رکيو ويندو هيو جو دل چوندي هئي ته جيڪر ٻيهر ٻيهر بيمار ٿجي. بابا سان گذاريل سٺو ۽ سُکيو وقت واءَ جي جهوٽي جيان گذري ويو. بابا جو اهو خواب هيو ته ان جا ٻار سٺي تعليم حاصل ڪن ۽ اعليٰ يونيورسٽين ۾ پڙهن، اهي خواب بابا پنهنجي اکين سان پورا ٿيندي ڏٺا. جڏهن منهنجو وڏو ڀاء ڳوٺ جو پهريون ڊاڪٽر بڻيو ۽ جڏهن منهنجو ٻيو ڀاءُ سجاد Delft l يونيورسٽي نيڌرلينڊس مان PHd ڪري واپس آيو ته بابا چيو ته ”اڄ منهنجو ڪنڌ اوچو ٿي ويو آهي.“ ۽ اڄ منهنجو ڀاءُ آصف آمريڪا جي يونيورسٽي University of Georgea ۾ پڙهڻ سان گڏ پڙهائڻ لڳو آهي ته بابا جسماني طور ته اسان سان گڏ ناهي پر يقينن بابا جو روح پنهنجي ڏنل تعليم ۽ تربيت تي مسڪرائي رهيو هوندو ۽ پنهنجي ڪيل جدوجهد مان مطمئن هوندو. ان رستي تي پنهنجي اولاد کي هلائڻ لاءِ بابا ڪيتريون نه تڪليفون ڪاٽيون، ذميندار هئڻ باوجود معاشي مسئلن سان منهن ڏنائين، کنڊ ڀت کائي اوڌر تي ڪتاب پينون، پينسلون وٺي ڏيڻ ۽ ڪپڙن جي ٻن وڳن ۾ وقت ڪڍي بابا خوابن کي حقيقت جو روپ وٺندي ڏسي سگهيو. هينئر جڏهن بابا ڪلراٺيل زمين جي هنج ۾ منهنجي ڏاڏيءَ جي پيراندي کان آرامي آهي۽ منهنجي دل اندر ويراني وسي ٿي ۽ بابا کان پوءِ زندگي هڪ ڀوائتي ڀوت جهڙي ڀيانڪ لڳي ٿي.