قومي عوامي تحريڪ پاران پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف مختلف شهرن ۾ ريليون

ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف ستين ڏينھن به مختلف شھرن ۾ ريليون ڪڍي مظاھرا ڪيا ويا

قومي عوامي تحريڪ پاران پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف مختلف شهرن ۾ ريليون

حيدرآباد/ڪراچي/کورواھ/باڊھ /ڄام صاحب/کيبر: حيدرآباد: پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمن، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي ستين ڏينھن به سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ريليون ڪڍي ۽ مظاھرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ بار اڳيان قومي عوامي تحريڪ لائيرس فورم طرفان مظاھرو ڪيو ويو جنھن جي اڳواڻي قومي لائيرس فورم جي اڳواڻ عابد جوڻيجو، ديدار چانڊيو، مقصود سومرو، اختيار چنه، علي راض جوڳي، ڪاشف خاصخيلي، حنيف چانڊيو ۽ ٻين ڪئي. ھوڏانھن رزاق آباد پوليس سينٽر کان عوامي پريس ڪلب تائين مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙڪ، ڪراچي ڊويزن جي سينئر نائب صدر فياض اتيرو، ضلعي ملير صدر جنسار هيسباڻي، جنرل سيڪريٽري ھريرام سنڌي، ضمير لغاري، ذوالفقار سنجراڻي، سينگار بليدي، سجاد لاشاري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ٻئي طرف باڊھ ۾ ضلعي صدر سڪندر لاشاري، سٽي صدر عبدالوحيد ڪانڌڙو، جميل لاڙ ذيشان کوکر ۽ غلام حيدر سومرو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جڏھن ته ڄام صاحب ۾ ضلعي صدر مير محمد منگي، محمد حسن پلھ، جمشيد منگي، لال خان شر ۽ شاهنواز چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. کورواھ ۾ ڪامريڊ يوسف لاشاري، وڪيو لاشاري ۽ اسماعيل لاشاري جي اڳواڻي ۾ مين بس اسٽاپ کان ريلي ڪڍي وئي. مٽياري جي شھر کيبر ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ فضا ملاح، زاھد ڀنڀرو، معشوق چانڊيو، رب ڏنو ملڪ ۽ ڀيڻ جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙڪ خطاب ڪندي چيو تہ وفاقي حڪومت ۽ سند حڪومت گڏجي سنڌ لٽي رھيا آھن. زرداري ليگ اقتدار عيوض سنڌ جون زمينون ۽ پاڻي ڀڳڙن مُٺ تي وڪڻي سنڌ کي برباد ڪري رھي آھي. ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نہ پيو ڏنو وڃي. جيڪي سنڌ جا زرخيز ضلعا ھئا، آھي ھن بنجر ٿي ويا آھن. ڊيلٽا تباھ ٿي ويو آھي. سنڌ ۾ ڪروڙين ماڻھو غربت ۽ بدحالي جي زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. ايڊووڪيٽ ديدار چانڊيو خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪرپشن جي منڊي بڻجي ويو آھي. نوڪرين جا واڪ لڳن ٿا. ڪروڙين ۾ نوڪريون وڪامن ٿيون. محنت ڪندڙ نوجوان مايوس آھن. سنڌ جي شاگردن سان ويساھ گهاتي ڪئي پئي وڃي. سڄي سنڌُ بدامني جي ور چڙھيل آھي. سنڌُ وانا ۽ وزيرستان جو ڏيک ڏئي رهي آھي. حُڪمران ڪرپشن جا بيتاج بادشاھ آھن. اڳواڻن مطالبو ڪيو تہ سنڌ جي زمينن جو نيلام، پاڻي تي ڌاڙو، ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ ۽ ڌاڙيل ڪلچر بند ڪري انصاف ڪيو وڃي.