ملير ۾ صحافين جو اصغر ميمڻ جي زرعي زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

اصغر ميمڻ ۽ سندس ڀائرن جي زمين تان فوراً قبضو ختم ڪري زمين سندن حوالي ڪئي وڃي: قلم ڌڻي

ملير ۾ صحافين جو اصغر ميمڻ جي زرعي زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي صحافي اصغر ميمڻ جي ڏوڪري ۾ زرعي زمين تي بااثر وڏيري جي مبينا قبضي خلاف عوامي پريس ڪلب ملير جي صحافين طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي پريس ڪلب ملير جي صدر جمشيد زهراڻي ۽ جنرل سيڪريٽري عنايت شاهه ڪئي احتجاج ۾ صحافين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي مظاهري دوران صحافين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي قبضا ڪندڙ وڏيري خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته اصغر ميمڻ ۽ سندس ڀائرن جي ملڪيت واري زمين تان فوراً قبضو ختم ڪري زمين سندن حوالي ڪئي وڃي ان موقعي تي متاثر صحافي اصغر ميمڻ صحافين کي ٻڌايو ته قبضاگير وڏيري ظھور ککراڻي هٿيارن جي زور تي زبردستي زمين تي قبضو ڪري منهنجي ڀائرن کي بي دخل ڪيو آهي، گڏوگڏ ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين گرفتار به ڪرايو ويو جيڪي ٻن هفتن کانپوءِ ضمانت تي آزاد ٿيا آهن. هن الزام هنيو ته ڏوڪري پوليس وڏيري سان ملي ڀڳت ۾ آهي ۽ قانون وڏيرن جو غلام بڻيل آهي جيتوڻيڪ ٽن عدالتن اسان کي زمين جو مالڪ قرار ڏنو آهي پر سياسي مصلحتن سبب نه صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ نه ئي آءِ جي سنڌ ڪو قدم کنيو آهي پريس ڪلب ملير جي صدر جمشيد زهراڻي ۽ جنرل سيڪريٽري عنايت شاهه چيو ته آءِ جي سنڌ، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، پيپلزپارٽي چيئرپرسن بلاول ڀٽو ۽ فريال ٽالپر صحافي جي زمين تي غيرقانوني قبضي جو نوٽيس وٺي وڏيري ظهور ککراڻي خلاف فوري ڪاروائي ڪن ڪي يو جي ورڪرز جي جوائنٽ سيڪريٽري سامي ميمڻ اعلان ڪيو ته جيڪڏهن اصغر ميمڻ ۽ سندس ڀائرن جي موروثي زمين تان قبضو ختم نه ڪيو ويو ته ڪي يو جي ورڪرز جا سوين ميمبر آءِ جي سنڌ جي آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو هڻندا.