ڏوڪريءَ جي حيدر بخش جتوئي ميموريل ھاءِ اسڪول ۾ 14آگسٽ جي تقريب ڪوٺائي وئي

تقريب ۾ استادن شاگردن،شاگردياڻين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

ڏوڪريءَ جي حيدر بخش جتوئي ميموريل ھاءِ اسڪول ۾ 14آگسٽ جي تقريب ڪوٺائي وئي

ڏوڪري(رپورٽر) ڏوڪريءَ جي حيدر بخش جتوئي ميموريل ھاءِ اسڪول طرفان 14آگسٽ جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي.تقريب ۾ استادن شاگردن،شاگردياڻين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.انهي موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان قومي نغمن تي ٽيبلوز پيش ڪيا. انهي موقعي تي اسڪول جي ھيڊ ماستر نثار احمد سولنگي، استاد عبدالغفور زهراڻي،علي بخش پٺاڻ،احمد علي سومرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان اسانجو پيارو ملڪ آهي ۽ 14آگسٽ تي اسان وچن ٿا ڪريون ته ملڪ لاءِ سر ساھ قربان ڪرڻو پيو تہ پوئتي نہ ھٽندا. ھنن چيو ته اڄ اسان تي ذميواري آهي ته اسان هن وطن جي حفاظت ڪريون، ان کي مضبوط بڻايون ۽ هر شعبي ۾ محنت سان اڳتي وڌايون.آزادي رڳو جهنڊو لهرائڻ يا نغما ڳائڻ جو نالو نه آهي، آزادي ذميواري جو نالو آهي،ايمانداري سان ڪم ڪرڻ، ملڪ جي قانون جي عزت ڪرڻ، ۽ هر قدم تي قومي مفاد کي اڳيان رکڻ جو نالو آهي.اڄ جي ڏينهن تي اچو سڀ گڏجي اهو عهد ڪريون ته پاڪستان کي علم، اخلاق ۽ اتحاد جي اوج تي پهچائينداسين، ۽ دنيا کي ڏيکارينداسين ته اسان جو ملڪ امن، محبت ۽ ترقي جي علامت آهي.ھنن چيو ته پاڪ فوج اسانجو فخر آهي ۽ ھر وقت ان سان گڏ آهيون.