قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ دشمن منصوبن خلاف مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا

سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين تي قبضو ٿيڻ نه ڏينداسين، هر سازش جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو: اڳواڻ

قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ دشمن منصوبن خلاف مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا

حيدرآباد/وارھ /کروھي /بخشاپور /ڏوڪري /گھگڙ ڦاٽڪ /خانپور : قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي درياھ تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف چوٿين ڏينھن بہ سنڌ جي مختلف مختلف شھرن ۾ ريليون ڪڍي مظاھرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ وارھ ۾ قومي عوامي تحريڪ ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي صدر ڪامريڊ علي اڪبر خاصخيلي سجاد اڪبر مُغيري معشوق مرکنڊ تعلقي صدر مُحمد پناهه تونيو فراز خاصخيلي ديدار سنڌي جي اڳواڻي ۾ ٽيڪسي اسٽاپ کان وارھ پريس ڪلب تائين احتجاجي مُظاهرو ڪيو. کروھي ۾ لطف ميان شر، ذوالفقار شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. بخشاپور۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ارصلاح بھلڪاڻي، فدا حسين محمداڻي، شعيب علي ڊومڪي، سجاد بروهي، مکي نريش لال، روھت ڪمار ڇاٻڙيا،مکي ڪشور ڪمار،عادل حسين ڊومڪي، نظر محمد ڊومڪي، عاطف حسين ڊومڪي، روشن لال، شنڪر لال، راجيش کنا، پريتم داس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايم سي بي بئنڪ کان پريس ڪلب بخشاپور تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ڏوڪري ۾ ايڊوڪيٽ جميل ميمڻ ممتاز سومرو ذيشان کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين بس اسٽاپ کان ڏوڪري پريس ڪلب تانئين ريلي ڪڍي وئي. گھگڙ ڦاٽڪ ۾ اشفاق چنڙ، فياض اُتيرو،سينگار بليدي، سجاد لاشاري ۽ اويس ڪانڌڙو جي اڳواڻي ۾ حسيني چوڪ کان ريلي ڪڍي ٺٽو ڪراچي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو. خانپور ۾ نھال ڀنڀرو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ارصلاح بھلڪاڻي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو درياھ تي ڪوبہ ڪئنال ۽ ڊيم قبول نہ آهي، ڪارپوٽريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ھر ضلعي اندر ھزارين ايڪڙ زمين ڌاڙين ماڻهن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي وطن ۾ اقليت م تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ايڊووڪيٽ جميل ميمڻ خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ ڪرپشن ۽ خراب حڪمراني جي ڪري گھڻ طرفن مسئلن جي گھيري ۾ آھي، سنڌ ۾ پيپلز پارٽي 18 سالن جي اقتداري دور ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن ڪري سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪيو آھي. يونين ڪائونسل، زڪوات، ايريگيشن، خوراڪ، زراعت، صحت، تعليم سميت ھر کاتو ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي ڪو بہ حساب ڪتاب ناھي. اينٽي ڪرپشن جو ڪردار سنڌ حڪومت جي ڪرپشن کي لڪائڻ وارو بنجي ويو آھي. اشفاق چنڙ خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ بدامني جي باھ ۾ سڙي رھي آھي شھرن ۽ ڳوٺن جا روڊ رستا ڏوھارين جي حوالي ٿيل آھن. پوليس ڏوھارين اڳيان بيوس لڳي پئي آھي. بدامني ۾ واڌ سبب سنڌ ۾ غنڊہ راڄ قائم ٿيل آھي سرڪار جي رٽ نظر نٿي اچي. سنڌ جي عوام کي ڏوھارين، ڀوتارن، لٺ سردارن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي، اغوا، چوريون، ڦريون، قتل غارت جا واقعا عروج تي آھن. اڪبر لاشاري خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ حڪومت 18 سالن کان ڪوڙ، ٺڳي ۽ بدنيتي جي بنيادن تي قائم آھي.پ پ پ جي سنڌ سرڪار اقتدار جي حوس خاطر سنڌ دشمن فيصلا ڪري رھي آھي، پ پ پ جي سنڌ دشمن فيصلن جي ڪري سنڌ گھڻ رخي مسئلن ۾ جڪڙيل آھي. لطيف ميان شر خطاب ڪندي چيو تہ قومي عوامي تحريڪ سنڌ جي ماڻھن جي حقن لاء جاکوڙي رھي آھي قانوني، آئيني ۽ انساني حق ڏيارڻ لاءِ جدوجھد جي ميدان ۾ آھي