English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سنڌ دشمن منصوبن خلاف ٽئين ڏينهن به مظاهرا
views
|
07th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ، حيدرآباد، گولاڙچي، ڪوٽڙي، ميهڙ، نئون ديرو ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا ڪيا ويا
حيدرآباد/گولاڙچي /ڪوٽڙي /عمر ڪوٽ /ميھڙ/نئون ديرو (رپورٽرز وٽان) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي درياھ تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف ٽئين ڏينھن بہ مختلف شھرن ۾ ريليون ڪڍي مظاھرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ گولاڙچي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مظهر راهوجو، عبداﷲ چانڊيو، گيانچد مھيشوري،بچل احمداڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، حيدرآباد جي علائقي حسين آباد چوڪ تي قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر نذير احمد بليدي، بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو، عباس پٺاڻ، نذير لاکو، راول سيال، نور حسن جمالي، رب ڏنو ملڪ، شاويز ملاح، جمن سولنگي، فاضل سمون جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو، احتجاج ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي، ماروي خاصخيلي پڻ شريڪ ٿيون. ڪوٽڙي ۾ امداد پنھور، ڄامشورو جي ضلعي صدر اعجاز سومرو، محمد خان، شبير ساند، صورت علي ڇٽو، مقصود جھتيال، ذاڪر گرگيز، امام بخش پنھور، عطا سومرو، ظھير عباس، ديدار کوسو، ڪاشف پنھور، افتخار پنھور، شاھزيب پنھور جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو. ھوڏانھن ميھڙ ۾ ضلعي دادو جي صدر ميرکوسو ايڊووڪيٽ، سومر چانڊيو، فياض چانڊيو، اصغر رند، سلمان چانڊيو، ساگر چانڊيو ۽ پنھل سولنگي جي اڳواڻي ۾ دعا چوڪ کان ريلي ڪڍي گھنٽا گھر وٽ مظاھرو ڪيو ويو. جڏھن تہ عمرڪوٽ ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو، جنھن جي اڳواڻي الفقراء رحيم مهر، راجا دسرٿ ڏيپار، مشتاق مهر، پون چوڌري، ارشد کوسو، رام باگڙي، سڪندر باگڙي، ڪيلاش ڏان چارڻ، ڪريم مڱريو، وقار ڪلر ۽ ٻين ڪئي. ھوڏانھن نئون ديرو ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن صدر ڪلر چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو، جنھن جي اڳواڻي ضلعي صدر سڪندر علي لاشاري، عبد الرحمن سپڙو، امان الله پٽو، غلام مصطفي شيخ، جھنگل خان ڪوريجو، محمد مٿل شيخ، ڪميل رضا جتوئي، غلام حيدر لاشاري، صاحل لاشاري، آفتاب بلوچ، رئيس کوکر، امام علي لاشاري، علي رضا لاشاري، توفيق احمد کوکر، فراز لاشاري، وقاس علي ڪلھوڙو ۽ ٻين ڪئي. احتجاج ۾ پ پ شھيد ڀٽو جي سليم چنا، غلام نبي ڪولاچي ۽ رٽائرڊ استاد منظور علي منگي پڻ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو درياھ ۾ وڏي مقدار ۾ پاڻي ھجڻ باوجود بدين، سجاول، ٽنڊو محمد خان، سميت سڄي سنڌ ۾ پڇڙي آبادگارن کي اڃا تائين نٿو ڏنو وڃي. وفاقي حڪومت سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي. پيپلز پارٽي سنڌ جا وسيلا ڏئي اقتدار خريد ڪيو آھي. 6 ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ دشمن منصوبا آھن. ارسا ۽ واپڊا سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھڻڻ ۾ سھولتڪار بنيل آھن. ٻنھي ادارن ۾ سنڌ دشمن ۽ تعصب پرست ماڻھو ويٺل آھن. پاڻي تي ڌاڙا ھڻي سنڌ جي زراعت کي تباھ ڪيو ويو آھي. مظهر راهوجو چيو تہ سنڌ جا زرخيز ضلعا ڀڙڀانگ ٿي ويا آھن. سنڌ جا لکين خاندان غربت ۽ بدحالي جو شڪار آھن. اسڪول بند پيا آھن. تعليم ۽ صحت جو نظام درھم برھم آھي. ڪرپشن ذريعي لٽمار آھي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪرپشن جو اڏو آھي. پوليس سميت جنھن بہ کاتي جون نوڪريون اچن ٿيون اھي ڪروڙين روپين ۾ وڪامن ٿيون. غريب ۽ ذھين نوجوان مايوس آھن. ذھين شاگردن جي حقن تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي. مظھر راھوجو چيو تہ سڄي سنڌُ ڏوھارين جي رحم ۽ ڪرم تي آھي. سکر ڊويزن، لاڙڪاڻو ڊويزن جا ضلعا ڌاڙيلن جي حوالي آھن. حڪمران وزير ڌاڙيلن جا سرپرست بنيل آھن. سالن کان اغوا ٿيل نياڻي پريا ڪماري کي بازياب نٿو ڪرايو وڃي. اڳواڻن مطالبو ڪيو تہ سنڌ دشمن ڪئنال، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ ۽ بدامني بند ڪري انصاف ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڊاڪٽر رٿ فائو — پاڪستان جي مدر ٽريسا ۽ جذام جي خاتمي جي علمبردار
12th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوجوانن جو عالمي ڏهاڙو، پاڪستان جو مستقبل نوجوانن جي هٿن ۾ آهي..!
12th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاڪستان جي آزادي
12th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وکريل پي ٽي آئي، ناڪام سياست ۽ قبول نه پوندڙ معذرت
12th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روينيو ملازمن جا مطالبن جي مڃتا لاءِ مظاهرا
12th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ڪورٽ ۾ جانورن تي غيرقانوني ٽيڪس وصولي خلاف عدالت ۾ درخواست
12th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ واڳن جي گھيري ۾ آھي، سنڌو درياھ تي حملو ڪندڙن سان پيپلزپارٽي گڏ آھي: اياز لطيف پليجو
12th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي اٺين ڏينھن به مختلف شھرن ۾ ريليون ۽ مظاھرا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
قومي عوامي تحريڪ
درياھ تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ
ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ
0 تبصرے