حيدرآباد(بيورو)پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمن، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي حيدرآباد ۾ قاسم آباد جي علائقي نسيم ننگر چوڪ تي ضلعي صدر نظير بليدي، نائب صدر بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو، راجا چانڊيو، راول سيال، نور حسن جمالي، سنڌياڻي تحريڪ جي نصرت خاصخيلي، ماروي خاصخيلي، امداد پنھور، اعجاز سومرو، اشرف پليجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ پيپلز پارٽي اقتدار عيوض سنڌو درياھ، زمينون ۽ وسيلا وڪڻي ڇڏيا آھن. ڪرپشن سمورن ادارن کي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي. ميرٽ جي لتاڙ ڪاروبار بنجي ويو آھي. ڪئنالن جي معاملي تي قوم سان فراڊ ڪيو ويو آهي. ڪئنال ٺاهڻ جو اختيار سي سي آءِ کي ڏيڻ دوکو آھي. سي سي آئي ۾ پنجاب جي هڪ هٺي آهي، پيپلز پارٽي سي سي آءِ جو ڊرامو رچائي سنڌي قوم جي جدوجهد کي ختم ڪيو، سي سي آئي ۾ مستقل پنجاب جي اڪثريت آهي، پنجاب يا وفاق ڪا بہ ايجنڊا رکندو، سنڌ جي اعتراض باوجود اها منظور ٿي ويندي، سي سي آءِ جي هن جوڙجڪ ۾ سنڌ ۽ بلوچستان وفاق يا پنجاب جو ڪو بہ منصوبو رد نٿا ڪرائي سگهن. اڳواڻن چيو تہ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي سنڌ کي بنجر ۽ ڀڙڀانگ بنايو ويو آھي. ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ جي زمينن تي قبضي جي سازش آھي، جنھنکي ڪنھن بہ ريت قبول نہ ڪيو ويندو. اڳواڻن چيو تہ اڌ سنڌ ڌاڙيلن جي حوالي آھي، باقي سنڌ بہ ڏوھارين ۽ منشيات فروشن جي رحم ۽ ڪرم تي آھي. بدامني سبب ماڻھن جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آھي.
0 تبصرے