ورسي جي موقعي تي مجلس عزا منعقد ڪئي وئي جنهن کي مولانا عرفان حيدر عابدي خطاب ڪيو
ڏوڪري(رپورٽر) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سونهري ۾ مرحوم سيد نواب علي شاھ جي ورسي جي موقعي تي وارثن پاران سيد مدد علي شاھ، سيد حبدار علي شاھ، سيد جمن شاھ، سيد غفار شاھ، سيد منظور حسين شاھ ۽ ٻين پاران مجلس عزا منعقد ڪئي وئي مجلس عزا کي مولانا عرفان حيدر عابدي خطاب ڪندي چيو ته ڪربلا جي شهيدن اسلام جي بقا لاءِ جانين جا نذرانا ڏئي اسلام جو علم بلند ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪربلا ۾ مولا امام حسين علیہ السلام ۽ 72 جانثارن کي شهيد ڪرڻ بعد بيبن کي قيد ڪري ڪوفي جي بازارن، شام جي بازارن ۾ ڦرايو ويو. مجلس عزا کان بعد مرحوم سيد نواب علي شاھ جي روح کي ثواب پهچائڻ فاتح خواني ڪئي وڃي ۽ آخر ۾ ننگر تقسيم ڪيو ويو.
0 تبصرے