عمرڪوٽ: سينيٽرل ۽ صوبائي ايپڪس ڪاميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جي حوالي سان اجلاس

ڊسٽرڪٽ ڪوارڊينيشن ڪاميٽي جو اجلاس ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ٿي گذريو

عمرڪوٽ: سينيٽرل ۽ صوبائي ايپڪس ڪاميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جي حوالي سان اجلاس

عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر)سينيٽرل ۽ صوبائي ايپڪس ڪاميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جي حوالي سان، ڊسٽرڪٽ ڪوارڊينيشن ڪاميٽي عمرڪوٽ جو هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي دربار هال ۾ منعقد ٿيو. ان موقعي تي اجلاس ۾ ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، ايڊیشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاھري، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان ڀنگوار، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو ۽ پٿورو سنجي ڪمار ترڪيو، اي ٽي او ايڪسائيز سرفراز جلباڻي، ايڪس اي اين حيسڪو امتياز ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر نور محمد شيخ، انفارميشن آفيسر محمد اسلم ڀٽي، ڊپٽي ڊائريڪٽر وومين ڊولپمينٽ طارق احمد، ايڊیشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ غلام مصطفيٰ مري، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر زراعت اياز ڪڇيليو، سي ايم او ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ امتياز هاليپوٽو، صوبيدار روشن پاڪ فوج، ٽائون آفيسرز شھمير خان، جهانزيب آرائين، فرحان لغاري، آءِ ايس آءِ، ايم آءِ، آءِ بي، سي ٽي ڊي، اسپيشل برانچ، ايف آءِ اي سميت ضلعي سطح جي سڀني لاڳاپيل کاتن جا آفيسر، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا نمائندا، ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو تہ ايپڪس ڪاميٽي جا فيصلا صوبي ۽ ملڪ ۾ امن امان، ترقي ۽ گڊ گورننس جي واڌاري لاءِ انتهائي اهم آهن، جن تي ضلعي سطح تي مؤثر عملدرآمد ضروري آهي. هن سڀني محڪمن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي تہ هو پنهنجي پنهنجي شعبي جي ڪارڪردگي، امن امان جي صورتحال، منشيات جي روڪٿام، غيرقانوني هٿيارن جي خاتمي، تعليمي ادارن جي سيڪيورٽي، فرقيواري هم آهنگي ۽ ڏوهن جي خاتمي بابت جامع رپورٽ پيش ڪن. اجلاس دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن ضلعي جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ تازي ڪاررواين بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي چارئي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ٻڌايو تہ شهرن ۾ اينٽي انڪروچمينٽ مهم هلائي وئي آهي ۽ غيرقانوني حد دخليون ختم ڪرايون ويون آهن. ڊپٽي ڪمشنر اي ٽي او ايڪسائيز کي هدايت ڪئي تہ شهرن ۾ هلندڙ چنگچي رڪشن جي رجسٽريشن ڪرائي وڃي ۽ موٽر سائيڪل ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر عمرڪوٽ نور محمد شيخ ۽ اطلاعات کاتي جي ضلعي آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي ٻڌايو تہ اسان پنهنجي گڏيل تعاون سان عمرڪوٽ ۾ “ڊس انفارميشن، مس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز” جي حوالي سان سيمينار ڪرايو ويو آهي. ان موقعي تي ايڪس اي اين حيسڪو امتياز ميمڻ ٻڌايو تہ عمرڪوٽ ضلعي جي پنجن فيڊرن تي لائين لاسس گهٽائي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي تعليم، مڪاني ادارن، پبلڪ هيلٿ، پوليس سميت ٻين ادارن پنهنجن شعبي جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي ۽ موجود مسئلن کان بہ آگاهي ڏني. ڊپٽي ڪمشنر سڀني آفيسرن کي هدايت ڪئي تہ هو ايپڪس ڪاميٽي جي فيصلن تي مؤثر، تيز ۽ شفاف طريقي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائين تہ جيئن عوام کي بهترين سهولتون مهيا ٿي سگهن ۽ عمرڪوٽ ضلعي کي پرامن، خوشحال ۽ ترقي يافتہ بڻائي سگهجي. اجلاس جي آخر ۾ سڀني ادارن جي وچ ۾ باهمي رابطي ۽ ڪوارڊينيشن کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ تي زور ڏنو ويو تہ جيئن گڏيل ڪوششن سان سڀئي هدف حاصل ڪري سگھن.