English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ پوليس اميدوارن جو احتجاج، آفر آرڊر نه ملڻ خلاف شديد نعريبازي
views
|
25th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ سنڌ پوليس ۾ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن پاران آفر آرڊر نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان زور دار احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي اميدوارن سخت نعريبازي ڪندي اختيارين کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو، مظاهري جي اڳواڻي محبوب علي، مير محمد، ڪيلاش ڪولهي، راجيش، رميش ڪمار، لالچند، معشوق علي، روي شنڪر، گلاب، مڪيش ۽ ٻين ڪئي، جن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سنڌ پوليس جون ٽيسٽون قانوني ۽ ميرٽ تحت پاس ڪيون آهن، پر افسوس جو هڪ سال گذرڻ باوجود اڃان تائين آفر آرڊر جاري نه ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري اسان سخت ذهني اذيت ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون، مظاهرين چيو ته گهرو وزير ضياءُ لنجار پاڻ بيان ڏئي چڪو آهي ته پوليس کاتي ۾ پنجاهه هزار جايون خالي آهن، پر 16 هزار ڪامياب اميدوارن کي گذريل هڪ سال کان انتظار جي عذاب ۾ مبتلا رکيو ويو آهي، جيڪو سراسر ناانصافي آهي، اميدوارن الزام لڳايو ته بار بار احتجاج ڪرڻ باوجود نه ڪي اختياري ٻڌي رهيا آهن، نه ئي ڪير مسئلي جو نوٽيس وٺي رهيو آهي، جيڪا نوجوانن جي حقن سان مذاق آهي، اسين سڀ نوجوان ميرٽ تي لٿل آهيون، تعليم حاصل ڪري مستقبل جي اميدن سان ٽيسٽون پاس ڪيون، پر هاڻي بي روزگاري، بيچيني ۽ نااميدي جو شڪار ٿي ويا آهيون، جڏھن تہ مظاھرين ضلع ڪونسل چيئرمين حاجي بقاء پلي سان سندس آفيس تي ملاقات ڪئي، ان موقعي تي حاجي بقا پلي نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪندي چيو تہ توھان جو آواز اعلي ايوانن تائين پھچائيندس، آخر ۾ مظاهرين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ گهرو وزير ضياءُ لنجار کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن ته جيئن نوجوانن جي بيچيني ختم ٿي سگهي ۽ هو باعزت روزگار سان پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جو مستقبل سنواري سگهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
0 تبصرے