English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪريءَ ۾ سونارڪي دڪان مان هٿيارن جي زور تي لکين رپين جو ڌاڙو
views
|
24th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
هٿياربند سوناري اجيت ڪمار جي دڪان ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي 8 لک روڪ ۽ 15 تولا سون ڦري ويا
ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪريءَ ۾ ڦر جون وارداتون تيز، هٿياربندن سوناري کان 15 تولا سون ۽ 8 لک رپيا روڪ رقم ڦري ويا، ان کان اڳ به ڪيتريون ئي ڦر جون وارداتون ٿي چڪيون، هڪ واپاري ڦورن جي فائرنگ ۾ مارجي پڻ چڪو آهي. هن وقت تائين ڪنهن به واردات جا مک جوابدار گرفتار نه ٿيا آهن. ڏوڪري۾ امام بارگاهه گهٽي واري بازار مان هٿياربندن جي وڏي ڦر، موٽر سائيڪلن تي سوار 6 هٿياربند اجيت ڪمار نالي سوناري جي دوڪان تي ڌاڙو هڻي 15 تولا سون، 8 لک رپيا روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان هٿ ڪري فرار ٿي ويا آهن.متاثر سوناري اجيت ڪمار صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هو دوڪان تي ويٺو هو ته اوچتو ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار هٿياربند دوڪان ۾ گهڙي آيا، جن کيس هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ڦر جي واردات ڪئي. اجيت موجب ڦورن وٽ جديد هٿيار هئا، جن جي ڏهڪاءَ سبب هو ڪجهه به نه ڪري سگهيو.واردات بابت ڏوڪري ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ويو، جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو. پوليس موجب واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ جلد نتيجا سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.ياد رهي ته ڏوڪريءَ ۾ ڪجهه وقت کان ڦرن جون وارداتون عام ٿي ويون آهن. ان کان اڳ اٽي چڪيءَ جي مالڪ شفقت ڀنڊ، ڊيلر راشد قائمخاني ۽ ڪار آٽوز جي واپاري سونل چنو کان به ڦر جون وارداتون ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته واپاري سونل چنو هڪ واردات دوران ڦورن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿي فوت ٿي ويو هو، جنهن جو مک جوابدار اڃا تائين پوليس جي پڪڙ کان ٻاهر آهي.شهرين پاران ڏوڪري ۾ وڌندڙ ڏوهارين سرگرمين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڏوڪريءَ جو امن بحال ڪرڻ ۾ ڏوڪري پوليس ۽ ٻيا ادارا ناڪام رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو آهي ته امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ سنجيده قدم کنيا وڃن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
هٿياربند سوناري اجيت ڪمار
سونارو اجيت ڪمار
ڏوڪري
0 تبصرے