پاڪستان ۽ مصر جا مضبوط لاڳاپا ۽ روشن مستقبل جا رستا

سيدة سونيا منور

پاڪستان ۽ مصر جا مضبوط لاڳاپا ۽ روشن مستقبل جا رستا

مصر جو انقلاب جو ڏينهن هر سال 23 جولاءِ تي ملهايو ويندو آهي، جيڪو 1952ع ۾ مصر ۾ بادشاهت جي خاتمي ۽ جمهوري نظام جي شروعات جي يادگار آهي. هي ڏينهن مصر جي خودمختياري، آزادي ۽ عوامي طاقت جي علامت طور سڃاتو وڃي ٿو. پاڪستان ۽ مصر جا لاڳاپا تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي بنيادن تي قائم آهن. ٻئي ملڪ اسلامي دنيا جا اهم رڪن آهن ۽ او آءِ سي جهڙن پليٽفارمن تي هڪ ٻئي جي هميشه حمايت ڪندا رهيا آهن. ٻنهي قومن هميشه هڪ ٻئي جي مفادن ۽ خودمختياري جو احترام ڪيو آهي. گذريل ڪجهه سالن ۾ پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن ۾ نمايان سڌارو آيو آهي. اعليٰ سطح جي وفدن جي مٽاسٽا، گڏيل ڪانفرنسن ۽ معاشي فورمن ۾ شريڪ ٿيڻ سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. ٻنهي حڪومتن واپار، سيڙپڪاري، تعليم ۽ سياحت جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ عزم جو اظهار ڪيو آهي. واپاري لاڳاپن جي حوالي سان به ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ واڌارو ٿيو آهي. پاڪستان چانور، ٽيڪسٽائل، ميڊيڪل آلات ۽ راندين جي سامان جي برآمدات وڌائي آهي، جڏهن ته مصر کان ڪپهه، ڪيميڪل پراڊڪٽس ۽ ڀاڻ درآمد ڪئي وڃي ٿي. ٻئي ملڪ آزاد واپاري معاهدي طرف وڌڻ جو سوچي رهيا آهن. ثقافتي سطح تي پڻ پاڪستان ۽ مصر جا لاڳاپا مضبوط آهن. ٻنهي ملڪن جي ثقافت، موسيقي، ادب ۽ روايتن ۾ گهڻي هڪجهڙائي آهي. ثقافتي ميلا ۽ تعليمي مٽاسٽا پروگرام ذريعي عوامي رابطي ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي. مصري شاگرد پاڪستاني يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، ۽ پاڪستاني شاگرد به مصري ادارن مان فائدو وٺي رهيا آهن. دفاعي شعبي ۾ پڻ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سهڪار وڌي رهيو آهي. گڏيل مشقون، تربيت، ۽ دهشتگردي جي خلاف قدمن ۾ گڏيل ڪم ڪرڻ قابل تعريف آهي. ٻنهي فوجن جي تجربي جي مٽاسٽا سان ڀروسو وڌو آهي، جيڪو علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ بنياد آهي. پاڪستان ۽ مصر، جيڪي اهم جغرافيائي علائقن ۾ واقع آهن، عالمي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. فلسطين، ڪشمير، ۽ امت مسلمه سان لاڳاپيل ٻين معاملن تي به ٻنهي ملڪن جا خيال گهڻو ڪري هڪجهڙا هوندا آهن، جيڪي گڏيل ويزن کي ظاهر ڪن ٿا. مصر جي انقلاب جي ڏينهن جي موقعي تي، اسان اميد ڪريون ٿا ته پاڪستان ۽ مصر جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، نوان معاشي، تعليمي، ۽ ٽيڪنيڪي معاهدا طئي ٿيندا، ۽ ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي سطح تي هڪ ٻئي جي ڀرپور حمايت جاري رکندا. هي لاڳاپا رڳو ٻنهي ملڪن جي فائدن لاءِ نه، پر پوري اسلامي دنيا جي اتحاد ۽ ترقي جي علامت ٿي سگهن ٿا. موجوده عالمي حالتن جي تناظر ۾، پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ سهڪار جي ضرورت اڳ کان وڌيڪ آهي. ٻنهي ملڪن کي گهرجي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ماحولياتي تحفظ، زراعت، ۽ توانائي جهڙن شعبن ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪن. ڀروسي ۽ احترام تي ٻڌل هي رشتو نه صرف ٻنهي ملڪن جي ترقي لاءِ مددگار ٿي سگهي ٿو، پر اسلامي دنيا لاءِ به هڪ مثبت مثال قائم ڪري سگهي ٿو۔