ايران، عراق ۽ شام جا 40 هزار زائرين ڪيڏانهن غائب ٿي ويا....!

عبدالفتاح عباسي

ايران، عراق ۽ شام جا 40 هزار زائرين ڪيڏانهن غائب ٿي ويا....!

مومن مسلمانن لاءِ سڀ کان وڏي ۾ وڏي اها خوش نصيبي آهي ته هو الله جي گهر ( خانه ڪعبه) مڪي پاڪ ، پنهنجي پياري آقا و مولا حضور سراپا نُور رحمتِ عالميان صلي الله تعالي عليه وآله وسلم جي ( شهر مدينه منوره ) ۾ ، مولاءِ ڪائنات، اميرالمومنين حضرت سيدنا علي المرتضيٰ شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم جي ( شاهه نجف اشرف ) عراق شريف ، امام عالي مقام ، امام عرش مقام، امام ڪون و مڪان حضرت سيدنا امام حسين رضي الله تعالي عنه ، (ڪربلا موليٰ) عراق پاڪ، حسني حسيني لعل، پيران پير دستگير بادشاهه پير، غوث اعظم سيدنا عبدالقادر جيلاني قطب رباني محبوب سبحاني رحمت الله عليه ( بغداد شريف عراق) سميت ٻين اهم ۽ مقدس زيارتين جي سعادت حاصل ڪري ٿو. مبارڪ ۽ متبرڪ عبادات ۾ افضل ترين مرتبي وارين جاين سان هر هڪ مومن مسلمان بي انتها محبت ڪري ٿو ۽ انهيءَ جي لاءِ هزارين، لکين ڪروڙين عاشقان رسول ، عاشقان صحابه اڪرام، عاشقان اهلبيت پاڪ ۽ عاشقانِ اولياءَ الله ڪاملين جي زيارت لاءِ تڙپ جوش جذبو هر مومن جي ميراث آهي. ضرور الله پاڪ جي پيارن جي عاشقن کي درود و سلام جي ڪثرت پڙهڻ سبب اهي مقدس زيارتون نصيب ٿينديون رهن ٿيون پر اهو ياد ڪرڻ گهرجي ته دنيا ۾ لک پتي، ڪروڙ پتي اربين رپين جا مالڪ به پئسي هوندي سهولتن هوندي به انهن پاڪيزه مقدس زيارتين کان محروم بڻيل آهن، پر اهڙا به بظاهر غريب ڏٺا ويا آهن جيڪي غربت سبب پنهنجي غريبي حال سارو رپيو رپيو گڏ ڪري ۽ ڪي وري ڀانڊاري ۾ ٿورا ٿورا پئسا گڏ ڪندي به انهن مقدس هستين جي زيارتين کان مستفيض بڻيا آهن. گهرائڻو واري سرڪار اهي ئي مقدس هستيون آهن پر طلب هُو ته مل هُو واري ڳالهه نه وسارڻ گهرجي.ڇاڪاڻ ته انهن مومن مسلمانن کي پنهنجي جان مال ۽ اولاد کان وڌيڪ اهي پاڪيزه هستيون اهم آهن. الله سان محبت ڪندڙ ئي انجي پياري رسول الله صلي الله عليه وسلم ۽ انجي صحابه اڪرام ۽ اهلبيت پاڪ سان محبت ڪن ٿا. تازو 16 جولاء جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي هڪ خبر گردش ڪرڻ لڳي. جنهن ۾ مذهبي امور جي وفاقي وزير سردار محمد يوسف ٻڌايو ته ايران، عراق ۽ شام جي 40 هزار کان وڌيڪ زائرين جي گم ٿيڻ ۽ انهن جي رڪارڊ غائب ٿيڻ جي ڳالھ ڄڻ ته ڳجهارت بڻجي وئي آهي،
ان لاءِ وفاقي حڪومت هڪ حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي ته 585 ڪمپنين جي سيڪيورٽي رجسٽريشن ٿيل آهن. جڏهن ته 1400 چوڏهن سئو زيارات گروپ آرگنائيزر z. G. O رجسٽريشن لاءِ درخواستون ڏنيون آهن. حڪومت پاڪستان اها ڳالهه ڪئي آهي ته زيارت مقدس ايران، عراق ۽ شام لاءِ جنهن کي جيئن وڻندو رهيو آهي اهي پنهنجي طرفان زيارتن کي وٺي وڃي رهيا آهن پر هاڻي پراپر باضابطا طور تي هڪ رجسٽرڊ ٿيل حڪومتي گروپ هڪ سالار جي حوالي سان قافلا سفر اختيار ڪندا ۽ گروپ سالار ايجنٽ جي ٿرو ويندڙ زائرين مان جيڪڏهن گم غائب زيارتي ٿئي ٿو ته پوءِ ان سالار، ايجنٽ، گروپ ليڊر جي مٿان قانوني قدم کنيو ويندو.
تازو ايران اسرائيل جنگ کان پوءِ ملڪي حالات پنهنجي جڳهه تي ڳنڀير هجڻ سان گڏوگڏ ئي اسرائيل جاسوس ايجنٽ دلالن جو مامرو به پيش نظر آهي. پاڪستان جي وفاقي حڪومت هي وقتائتو ۽ بهتر ڪم ڪيو آهي جو ايران، عراق ۽ شام جي زيارت ڪندڙن مسافرن کي محفوظ رستو فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻندي هرهڪ پنهنجي منهن ميان مٺو يعني پنهنجو پاڻ کي سالار سڏائي جيڪا لٺمار ڪئي وئي آهي اها گهٽجي سگهجي ٿي ڇاڪاڻ ته جيڪو راهه خدا ۾ سفر ڪندڙ مسافر ايران، عراق ۽ شام ڏانهن سفر عشق ڪرڻ چاهي ٿو ان لاءِ هڪ نه سوين مسئلا وک وک تي ٻيا نه پر خود اڪثر گائيڊ سالار جي نالي ۾ ڪيا وڃن ٿا، انهن پاڪيزه مقدس مقامات جي زيارت ڪندڙ جي دل قلب ۾ سڪون روحاني رمز راز ۽ نياز، اسرار، پنهنجو پاڻ کي ارپڻ خودي کي ختم ڪري نياز نوڙت، عاجزي انڪساري، پاڻ پروڙڻ ۽ عاليشان شهنشاهه ولايت مولا علي مشڪل ڪشا ڪرم ﷲ وجهه الڪريم ،سندن جي ٻچڙن شهيد ڪربلا امام عالي مقام، امام عرش مقام، امام ڪون و مڪان امام ڪل سيد شھداء امام برحق سيدنا امام حسين ابن علي عليه السلام ۽ حضرت سيدنا غازي عباس علمبردار عليه السلام سميت مقدس سرزمین جي چپي چپي وک وک تي عقيدت ۽ احترام سان حاضري سعادت مندي تصور ڪئي وڃي ٿي پر جڏهن ڳالھ اچي ٿي اڪثر لالچي ٺڳ ۽ دو نمبر ايجنٽ سالار جي ته گهڻي قدر زيارتين جون دانهون شڪايتون سامهون اچي وڃن ٿيون،
ائين ناهي ته سڀ سالار ائين آهن ڪافي سالار پنهنجي هڙان وڙان گهران به خرچ ڀاڙا، نفعو نقصان برداشت ڪري به زيارتين جي عبادت ذوق شوق روحاني سڪون جو وڌ کان وڌ خيال ڪندا رهندا آهن. باقي سفر ته عذاب جو ٽڪرو آهي، سفر عشق ته مڙيئي عشق جون منزلون ڪرائيندو رهندو آهي، ڳالهه ڪرڻ جي هي آهي ته اڄ ڪلهه بدقسمتي سان گهڻي ڀاڱي حج، عمرو شريف، زيارتن ايران، عراق ۽ شام جي وٺي ويندڙ سالارن ۾ پئسا ڪمائڻ بزنس ڌنڌي ڪاروبار جي پٽ پئجي وئي آهي. جنهن ڪري پوءِ ڌنڌوڙي سالار ايجنٽ هڪ هڪ ماڻهو تي چڱو ڀلو منافعو رکندي پنهنجو پرافٽ وڌيڪ رکي زيارتين جا لاهه ئي ڪڍي ڇڏين ٿا ۽ هتي هڪ ٻولي اتي پهچڻ شرط يا واپسي تي هٿ مٿي ڪري پنج پنج يا ڏهه ڏهه هزار وري وڌيڪ هيرا ڦيري دش ڪش ڪرڻ جي ڳالھ ڪري زيارتن کي اتي حيرت انگيز اچرج ۾ وجهي ڇڏين ٿا.
وفاقي حڪومت کي گهرجي ته اهي اهو شرط به لاڳو ڪن ته ڪنهن به عشق و محبت جي سفر ۾ هروڀرو تنگ ڪرڻ، هوٽلنگ، کاڌو پيتي، رهائش طعام ۽ قيام سميت سفري سهولتون نه ڏيندڙ خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. جيڪڏهن ڪڏهن ڪڏهن ڪن موقعن تي ايران، عراق، شام توڙي سعودي عرب حڪومتون مفت ويزا سسٽم تحت زيارتين کي سهولت ڏيئي رهي آهي ته پوءِ سالار ايجنٽ پنهنجون وڏيون فيون فيس وٺي ڪاروبار ڇاڪاڻ ڪنديون رهن ٿيون. هي ڳالهيون به قابل ذڪر آهن ته اسان جي ملڪ جا هزارين لکين ڇا پر ڪروڙين ماڻهو انهن مقدس زيارتين جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهن ٿا. بي انتها محبتن جي مرڪز مديني پاڪ کان پوءِ بغداد شريف، ڪربلا مولا ۽ شاهه نجف اشرف ۾ پنهنجي روحاني غذا ۽ قلبي قرار جي حصول لاءِ پنهنجا پاسپورٽ ، ويزا سميت ٻين معاملات بعد جڏهن آخري پراسيس ۾ اچڻ لاءِ اچڻو ٿو پوي ته هر ٻئي فرد جي اها دانهن ۽ شڪايت عام بڻجي وئي آهي ته پاسپورٽ ۽ ويزا جي مهربانيءَ بعد جڏهن اسان ملڪ پاڪستان کان جيڪڏهن فرض ڪيو
ايران، عراق شام وڃون ٿا ته پوءِ پاڪ ايران بارڊر تفتان تي پهچڻ لاءِ پاڪستان ايميگريشن ، ايف سي ۽ بلوچستان ليوز طرفان هروڀرو جي فشري سامهون منهن پئجي وڃي ٿي.جنهن ڪري هر هڪ عورت، مرد توڙي معصوم ٻارڙن ۽ پيرسن ماڻهن کي ڪوئيٽا کان تفتان ويندڙن لاءِ ڪانواءِ جي رفتار تمام سست ترين بڻائي وئي آهي جنهن جنهن ۾ 24 کان 30 ڪلاڪ ته لڳي وڃن ٿا پر انهيءَ کان وڌيڪ حيرت جي اها ڳالهه آهي ته ڏينهن جا ڏينهن لڳي وڃن ٿا ڪانواءِ جي مصيبت ۾ جنهن ڪري عام مسافر زيارتي ماڻهو ته ٺهيو پر اڪثر اهڙي گرميءَ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ تفتان جي بارڊر تي پاڪستان حڪومت جي سستي ۽ لاپرواهيءَ سبب عورتن کي ڊليوري ويم جي نوبت اچڻ ، بلڊ پريشر ۽ شگر جا مريض ڪانواءِ جي وڌندڙ ڏينهن جي ڪري بيزار ۽ تنگ ٿيڻ لڳن ٿا ۽ انهن مسافرن جو انهيءَ زيادتيءَ خلاف روزانو تفتان بارڊر تي حڪومت پاڪستان جي ايميگريشن ۽ متعلقه ذميوارن خلاف پرامن احتجاج ۽ ڌرڻو به رهي ٿو جنهن ۾ هزارين زائرين سراپا احتجاج بڻجي وڃن ٿا پر ڇا ڪجي جو اتي بارڊر تي ڪميشن مافيا جي ملي ڀڳت جي ڪري اتان جي پاروٿي دال وٽڙيءَ ۾ رکيل به 100 کا 150 رپين ۾ وڪرو ڪرائڻي جو حڪومتي ايجنٽن کي آهي.بارڊر تي هزارين ماڻهن جي گڏ ٿيڻ ڪري پيئڻ جي پاڻيءَ جو وڏي وڏو مسئلو درپيش ٿيڻ لڳي ٿو.کاڌي پيتي جي ناقص حالت سامهون اچي ٿي خاص ڪري زيارتين جي واپسيءَ تي ماڻهن کي حڪومت پاڪستان جي انتهائي سست ۽ ڪاهل انتظاميه پنهنجي ملڪ جي عوام لاءِ ڄڻ ته ڪات ڪهاڙا تکا ڪيون بيٺي هجي.ميلي جي موٽ ته سڀني ٻڌي هوندي انهيءَ ۾ ماڻهو بي حال ۽ پنهنجي ماڳ مڪانن پنهنجي وطن پهچڻ تي شدت سان انتظار ٿئي ٿو.
اهڙي حالت ۾ زيارتين کان واپسيءَ تي ڪيترائي ڏينهن تفتان بارڊر تي جنگي قيدين جيان ڄڻ ته سلوڪ ڪرڻ سراسر ناانصافي، ظلم ،زيادتي ۽ حڪومت پاڪستان جو ڏاڍ ۽ مسافرن زيارتين سان جبر جي روايت قائم ڪرڻ برابر عمل ليکيو وڃي ٿو.انهيءَ حوالي سان اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته واپسي تي مسافرن کان پئسا به ختم ٿي ويندا آهن جنهن ڪري تفتان جي بارڊر تي ڪيترن ڏينهن تائين هروڀرو بيهارڻ سبب مسافرن کي کاڌي پيتي، غذا، دوا درمل، واش روم ، پيئڻ جي پاڻي سميت ٻين مسئلن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.حيرت جي اها ڳالهه آهي ته ڪانواءِ جي بهاني تفتان بارڊر تي ڪيترن ڏينهن جي ترسائڻ باوجود به مسافرن جي پنج ڏهه گاڏين کي نه پر ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ڪڏهن 50 ڪڏهن 60 ڪڏهن ته 85 گاڏيون به ڪانواءِ ۾ ڏنيون وڃن ٿيون هيءَ ڪهڙي ڪانوائي آهي ؟ دنيا ۾ ڪانواءِ جو نظام ڪٿي به ناهي سواءَ ڏتڙيل ملڪن جي جتي غربت ، تنگدستي، افلاس ۽ مفلسي جو تصور باقي آهي اتي ڪرائيم ڏوهن جو انگ به وڌيڪ رهي ٿو ۽ ٻيون خرابيون به جنم وٺن ٿيون جهڙوڪ بلوچستان جي ڪوئيٽا کان تفتان وارو روڊ محفوظ هوندي ڪجهه سالن کان ڄاڻي واڻي غير محفوظ بڻيل آهي ؟
ڪانواءِ سنڌ صوبي جي اندر ئي اها وباءَ عام بڻيل آهي. ڇا اها بي يقيني ۽ بدامنيءَ جي علامت بڻيل صورتحال ناهي ته ٻيو ڇا آهي ؟ .ملڪي تاريخ ۾ بدقسمتيءَ سان ملڪ جا محافظ اهي بڻايا ويا جيئن چئجي ته چور کي چوڪيداريءَ جي پارت ڪرڻ وارو مثال آهي.خدارا مقدس زيارتون ڪندڙ پاڪ سرزمين ڏانهن سفر ڪندڙ مسافرن پانڌيئڙن جي آهون ۽ دانهن کان ڊڄون ڪنهن جي آههَ لڳي ويوَ ته پوءِ هيءَ توهانجي حڪمراني ۽ ڪرسي باقي نه بچندي ۽ توهانجا ٺٺ ٽانگر اڌورا رهجي ويندا. اهي هستيون پنهنجن غلامن پنهنجي عاشقن جي ٻڌين ٿا ۽ اتي داد فرياد جيڪو ٿئي ٿو اهو شايد ڪٿي به نه ٿيندو هجي انهيءَ لاءِ وقت جا حڪمران باءِ روڊ ويندڙ غريب زيارتين زائرين کي تنگ ڪرڻ بند ڪن ۽ ڪانوائيءَ جي بهاني ڪلاڪن جا ڪلاڪ، ڏينهن جا ڏينهن ۽ هفتن جا هفتا بيهارڻ جو سلسلو بند ڪندي فورن ۽ هنگامي بنيادن تي بغداد ، ايران ۽ عراق ڏانهن وڃن جون سهولتون ڏنيون وڃن جيئن ملڪ جي نيڪ نامي ٿي سگهي اڪثر پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ اهي خبرون گردش ڪندي ٻڌيون ۽ ڏٺيون ويون آهن ته تفتان بارڊر پاڪيزه سفر ڪندڙ مسافرن لاءِ ڄڻ ته عذاب جو ٽڪرو ثابت ٿي رهيو هجي
انهيءَ لاءِ انهيءَ سفر ۾ مسافرن کي قانوني تقاضائن مطابق سهولتون مهيا ڪيون وڃن بنا دير جي هاڻي به تفتان بارڊر تي ڪيترن ڏينهن کان بيٺل ۽ مسلسل پرامن احتجاج ڪندڙ مسافرن کي ڪانواءِ جا هنگامي بنيادن تي انتظامات ڪندي زيارتين کي محفوظ طريقي سان پنهنجي گهرن ڏانهن رستو ڏنو وڃي ۽ ڪانواءِ جي بهاني متبرڪ سفر ڪندڙن جي بار بار ڏينهن جا ڏينهن بيهاري تذليل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. جڏهن ملڪ ۾ گرميءَ دوران سوات، ڪاغان، ناران، ڪوهه مري، نٿيا گلي، ايوبيه وغيره جاين ڏانهن ويندڙن کي تحفظ ملي سگهي ٿو ۽ اهي پرامن طريقي سان بغير ڪنهن ڪانواءِ جي سفر ڪري سگهن ٿا ته پوءِ متبرڪ مقامات ڏانهن نيڪين جي خزاني جمع ڪندڙ آخرت جي سفر وارن کي بارڊر تي ايترو تنگ ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر ناهي ته ٻيو ڇا آهي ؟ حڪومت وقت پنهنجي ذميواري محسوس ڪندي ايميگريشن، ايف سي ۽ بلوچستان ليوز کي پابند ڪري ته اهي ڪنهن به زيارت ڪندڙ پانڌيئڙي زائرين کي تنگ نه ڪن ۽ ڪانواءِ کي آسان بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وڃي ته مسافر بخير و خوبي پنهنجو سفر جاري رکي سگهن.