ايس ايس پي گهوٽڪي پاران ضلعي ۾ منشيات, شراب, جوا, آڪڙا پرچي, چرس آفيم ۽ آئس بند ڪرائڻ جو حڪم

سوشل ڪرائيم بند نه ڪرائيندڙ اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪندس ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران

ايس ايس پي گهوٽڪي پاران ضلعي ۾ منشيات, شراب, جوا, آڪڙا پرچي, چرس آفيم ۽ آئس بند ڪرائڻ جو حڪم

ميرپورماٿيلو ( رپورٽ خالد وسير) ايس ايس پي گهوٽڪي ضلعي جي سمورن ايس ايڇ اوز کي منشيات, شراب, جوا, آڪڙا پرچي, چرس آفيم ۽ آئس بند ڪرائڻ جو سختي سان حڪم ڏئي ڇڏيو, رپورٽ موجب گهوٽڪي ۾ مقرر ٿيل نئين ايس ايس پي انور کيتران ضلعي جي سمورن ايس ايڇ اوز, وڏن منشين توڙي چوڪي انچارجن کي سختي سان حڪم ڏيندي چيو آهي ته محافظ پنهنجي حدن ۾ سوشل ڪرائيم شراب جا آڏا, جوا, آڪڙا پرچي, چرس آفيم هيرون آئيس ۽ ٻيا غيرقانوني ڪم فوري طور بند ڪرايا وڃن ۽ ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران ضلعي جي سمورن ايس ايڇ اوز وڏن منشين ۽ چوڪي انچارجن کي سختي سان وڌيڪ هدايتون ڪيون آهن ته پنهنجي حدن ۾ سوشل ڪرائيم بند ڪرائي ڪليئر سرٽيفڪيٽ جمع ڪرايو وڃي جيڪو به ايس ايڇ او پنهنجي حد ۾ سوشل ڪرائيم بند ڪرائڻ ۾ ڪوتاهي ڪندو ته سندس خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران جي سوشل ڪرائيم خلاف ڪارواين جي حڪم بعد ميرپورماٿيلو پوليس جو منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ميرپورماٿيلو پوليس بوزدار محلي ۾ چڙهائي ڪري منشيات فروشن خلاف ڇاپا هنيا ڪارواين دوران پوليس ڪجهه شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو پوليس موجب ايس ايس پي صاحب جي حڪم تي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ منشيات فروشن جوارين, خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي سوشل ڪرائيم ۾ ملوث عنصرن خلاف جلد سخت ڪرائي ڪري ڪيس داخل ڪيا ويندا ايس ايس پي گهوٽڪي جو چوڻ هو ته ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه هوندي, ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪندڙ ايس ايڇ او خلاف ڪاروائي ڪندس ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران چيو آهي ته ڪنهن کي به ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرڻ جي اجازت نه هوندي ڪوڙي ايف آر داخل ڪندڙ ايس ايڇ او خلاف ڪاروائي ڪندس گهوٽڪي ضلعي ۾ ايس ايڇ اوز پنهنجي حدن ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکن جيڪو ايس ايڇ او ڪم نه ٿو ڪرڻ چاهي ته ضلعي مان هليو وڃي ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران ضلعي جي سمورن ايس ايڇ اوز کي سختي سان ھدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي حدن ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکن عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪيو وڃي اگر ڪو به ايس ايڇ او ڪم نٿو ڪرڻ چاهي ته اهو ضلعي مان هليو وڃي