ملير جي ليکڪ نذير احمد چنا ۽ رٽائرڊ جج، سياسي سماجي اڳواڻ ذوالفقار علي ڪبوهه پاران نئين سياسي جماعت ٺاهڻ جو اعلان

ساٿين سان گڏجي نئين سياسي جماعت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اعلان آگسٽ ۾ ڪنوينشن دوران ڪيو ويندو: نذير احمد چنا/ذوالفقار علي ڪمبوه

ملير جي ليکڪ نذير احمد چنا ۽ رٽائرڊ جج، سياسي سماجي اڳواڻ ذوالفقار علي ڪبوهه پاران نئين سياسي جماعت ٺاهڻ جو اعلان

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ جي ناليواري ليکڪ، محقق ۽ دانشور نذير احمد چنا، اڳوڻي جج ۽ سرگرم سياسي سماجي شخصيت ذوالفقار ڪمبوه سان گڏ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هڪ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ان موقعي تي نذير احمد چنا نئين سياسي جماعت ٺاھڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هو ۽ سندن ساٿین نئی سياسي پارٽي ٺاھڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهن، جنهن جو باقاعدي اعلان ايندڙ مهيني آگسٽ ۾ ٿيندڙ وڏي عوامي ڪنوينشن ۾ ڪيو ويندو نذير چنا چيو ته اڄ سڄي دنيا ۾ جنگ، نسل ڪشي ۽ انساني حقن جي لتاڙ انسانيت کي تباهيءَ جي ڪناري تي آڻي ڇڏيو آهي آمريڪا ۽ اسرائيل جهڙا ملڪ هن بربريت جا وڏا ذميوار آهن پاڪستان به عالمي سازشن ۽ ڀارتي جارحيت جو نشانو بڻيل آهي اهڙي صورتحال ۾ قومي اتحاد، استحڪام ۽ نظرياتي توڙي سياسي متبادل جي سخت ضرورت آهي هن موجوده آئين ۽ سياسي ڍانچي تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته 1947ع کان وٺي حڪمران طبقا ۽ سياسي پارٽيون عوامي مسئلن جو حل ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا آهن نه عوام خوشحال ٿيا نه ملڪ ترقي ڪري سگهيو هن موجوده آئين کي غير مؤثر قرار ڏيندي مطالبي ڪيو ته پاڪستان جو آئين نئين سر تيار ڪيو وڃي ۽ فقط ترميمن بدران هڪ نئون، عوامي ۽ حقيقي آئين پيش ڪيو وڃي پريس ڪانفرنس دوران نذير چنا واضح ڪيو ته سندن تجويز ڪيل سياسي جماعت پورهيت طبقي، وچولي طبقي ۽ محروم قومن جي حقن جي بنياد تي ڪم ڪندي هن چيو ته اسان 1940ع جي قرارداد تي مڪمل عمل جي گهر ڪيون ٿا ۽ وفاقي ڍانچي جي اهڙي تشڪيل چاهيون ٿا جتي هر قوم کي برابر جا حق حاصل هجن هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته موجوده ساڄي ۽ کاٻي ڌُرين جون پارٽيون عوام جي اميدن تي پورو ناهن لٿيون تنهن ڪري نئين سياسي پارٽي جو ٺھڻ وقت جي ضرورت بڻجي چڪو آهي اسان سنڌ سميت سڄي ملڪ جي مظلوم ۽ محروم طبقن، پورهيتن، عورتن ۽ نوجوانن کي سڏ ڏيون ٿا ته اهي اسان سان شامل ٿين ته جيئن هڪ پرامن، برابريءَ تي ٻڌل ۽ خودمختيار پاڪستان جي بنياد رکي سگهجي ذوالفقار ڪمبوه به خطاب ڪندي نئين جماعت جي نظرياتي بنيادن تي روشني وڌي. هن چيو ته ملڪ کي رڳو نئين قيادت نه، پر نئين سوچ ۽ نئين نظام ضرورت آهي هن چيو ته هو جلد ئي مختلف ڌرين سان صلاح مشورا ڪري منشور جاري ڪندا