جساف شهيد بشير خان ضلعي ملير طرفان جي ايم سيد جي زندگي ۽ فڪر تي اسٽڊي سرڪل

جساف شهيد بشير خان ضلعي ملير طرفان جي ايم سيد جي زندگي ۽ فڪر تي اسٽڊي سرڪل

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)جساف شهيد بشير خان ضلعي ملير پاران قومي اڳواڻ ۽ فڪري رهبر جي ايم سيد جي فڪر، زندگي، ۽ سياسي جدوجهد تي عوامي پريس ڪلب ملير جي مومن مليرائي لائبريري ۾ اسٽڊي سرڪل ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ شاگردن ۽ جساف اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.اسٽڊي سرڪل جي صدارت جساف ضلعي ملير جي صدر وهاب گبول ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان طور ثاقب تنيو، عزادار حسين ڏونگر سنڌي، ۽ يونٽ شاهه ٽائون جا اڳواڻ جا راجا، ابراهيم مگسي، عديل ڪلمتي، ۽ ذيشان ميراڻي سميت قومي تحريڪ سان لاڳاپيل ڪيترائي ڪارڪن موجود هئا.تقريب دوران جي ايم سيد جي زندگي جي مختلف پهلوئن، جهڙوڪ سندس نظرياتي بنيادن، سياسي جاکوڙ، سنڌي قوم لاءِ جدوجهد، ۽ ادبي خدمتن تي تفصيلي روشني وڌي وئي. اڳواڻن زور ڀري چيو ته جي ايم سيد صرف سياسي اڳواڻ نه، پر هڪ فڪري ۽ علمي شخصيت هو، جنهن پنهنجي فڪر وسيلي سنڌي عوام ۾ قومي سڃاڻپ پيدا ڪئي.اسٽڊي سرڪل ۾ نوجوانن سان خصوصي طور تي مخاطب ٿيندي اڳواڻن چيو ته موجوده دور ۾ جي ايم سيد جي فڪر کي اپنائڻ ۽ ان کي نئين نسل تائين پهچائڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ تہ اڄ جي سياسي، سماجي ۽ تعليمي بحرانن مان نجات لاءِ سيد جي فڪر ئي واٽ ڏيکاري سگهي ٿو.ان موقعي تي جساف يونٽ شاهه ٽائون ۽ يونٽ رزاق آباد جي ميمبرن جا ميمبرشپ فارم پڻ ڀريا ويا، جنهن کي شاگرد اڳواڻن قومي شعور جي نئين لهر قرار ڏنو.تقريب جي پڄاڻي تي قومي شاعري پڙهي وئي