بدھ، 25 نومبر 2026
بریکنگ

ٺٽي واسي نوجوان سجاول ويجھو حادثي ۾ فوت

سنڌي خبرون 25th Nov 2026 4 مناظر
ٺٽي واسي نوجوان سجاول ويجھو حادثي ۾ فوت

ٽرڪ جي ٽڪر ۾ سيد مظھر علي شاھھ چيڀاٽجي فوت ٿي ويو

ٺٽو ( شفيق ڀٽي) ٺٽي شهر جي نهايت ئي معزز شخصيت سيد محبوب علي شاهه شڪرالاهي جون نوجوان پٽ سيد مظهر علي شاهه روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو، تفصيل موجب محبوب ميڊيڪل اسٽور جي مالڪ ٺٽي جو واپاري ۽ تمام بهترين شخصيت جو مالڪ سيد مظهر علي شاهه شڪرالاهي پنهنجي معمول موجب ڊسٽريبيوشن جي سلسلي ۾ ٺٽو کان جاتي چوڪ وڃي رهيو هو ته سجاول لڳ جاتي چوڪ ڀرسان تيز رفتار ٽرڪ سندس موٽر سائيڪل کيٽڪر هڻي چيڀاٽي ڇڏيو، موٽر سائيڪل سوارسيد مظهر علي شاهه موقعي تي فوت ٿي ويو، جتان مقامي ماڻهن سندس لاش کي کڻي ميرپور بٺورو پهچايو جتي فوتي جي سڃاڻپ ٺٽي واسي محبوب ميڊيڪل اسٽور جو مالڪ سيد مظھر علي شاھ طور ٿي، جنهن جو اطلاع سندس ڀائرن کي پهچايو ويو ۽ لاش سندس گهر روانو ڪيو ويو، اهڙي خطرناڪ حادثي ۽ اوچتي موت سبب مرحوم جي گهرام ۾ ڪهرام مچي ويو، ان کان علاوه ٺٽي جي سڄي شهر ۾ سندس واسطيدارن جي اک آلي ٿي وئي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ