نوشھروفيروز ۾ ميونسپل آفيس جي نائب قاصد جو احتجاج
نوشهروفيروز(ڊ ر)نوشهروفيروز ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف مصطفا ميمڻ جي زيادتين خلاف نائب قاصد اسلم ميمڻ پريس ڪلب پهچي ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو آهي ته مان غريب ملازم آهيان جيڪو ويزا ڏئي نه سگهان 45 هزار پگهار آهي ريگيولر ملازم هوندي به مان گهر جو گذر سفر ڪيان يا ان مان چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي کي 10 هزار روپيا منٿلي ڏيان جيڪو رشوت نه ڏيڻ تي تنگ ڪري رهيو آهي هن چيو ته چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي ويزا جا پئسا نه ملڻ جي ڪري منهنجي مختلف جاين تي ڊيوٽي هڻي پريشان ٿو ڪري ته جيئن مان به سندس جو کيسو گرم ڪيان ڪڏهن ڊسپوزل ته وري ڪڏهن فائربرگيڊ تي ڊيوٽي ٿو هڻي هن سنڌ جي وڏي وزير ۽ بلديات کاتي جي صوبائي وزير سميت ٻين وس وارن کي اپيل آهي ته ويزائي چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي کي هٽائي هٽائي ملازمن تي رحم ڪيو وڃي.