بدھ، 25 نومبر 2026
بریکنگ

سنڌ کي غزه جيان قتل گاھ بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جيڪا ناقابل قبول آهي: اياز لطيف پليجو

سنڌي خبرون 25th Nov 2026 5 مناظر
سنڌ کي غزه جيان قتل گاھ بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جيڪا ناقابل قبول آهي: اياز لطيف پليجو

سجاول ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران محبت سنڌ ريلي ڪڍي وئي، سوين ماڻھو شريڪ

سجاول (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ ضلعي سجاول پاران ضلعي سجاول جي شهر ميرپور بٺوري ۾ اياز لطيف پليجي جي قيادت ۾ ”محبت سنڌ ريلي“ ڪڍي وئي. ريلي اڇي موري کان ڪڍي وئي، جيڪا مين بس اسٽاپ تائين پهچڻ تي جلسي جي شڪل اختيار ڪري وئي. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو خطاب ڪندي چيو تظ سنڌ ڪو انتظامي يونٽ ناهي پر هزارين سالن جي تاريخ، تهذيب، ٻولي، سڃاڻپ ۽ جاگرافي رکندڙ تاريخي سرزمين آهي. سنڌ کي غزه جيان قتل گاھ بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جيڪا ناقابل قبول آهي. هن چيو تہ سنڌ جي ورهاڱي جي ريفرنڊم جو شوشو ڇڏيندڙ آئين، پارليامينٽ جي بالادستي ۽ صوبائي خودمختياري جو احترام ڪن. سنڌ جي سمورن شهرن، ڳوٺن ۽ علائقن کي برابري جي بنياد تي ترقي ڏني وڃي. هن چيو تہ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ هڪ ئي ڌرتيءَ جا وارث آهن، نفرت ۽ لساني ٽڪراءُ سنڌ دشمن سياست جو هٿيار آهن. اسان سنڌ جي وحدت، پاڻي، زمينن، وسيلن، جمهوريت ۽ عوامي حقن لاءِ ڀرپور عوامي جدوجهد جو پيغام ڏنو آهي. هن چيو تہ سنڌ جي وحدت خلاف نون صوبن ۽ ريفرنڊم جي بحث تي سنڌ جي عوام ۾ ڳڻتي وڌي رهي آهي. پاڪستان جي وفاق کي مضبوط ڪرڻ جو رستو صوبن کي ڪمزور ڪرڻ ناهي پر انهن جا آئيني حق تسليم ڪرڻ آهي. پاڪستان جي سياسي قيادت کي پارليامينٽ جي بالادستي، آزاد عدليہ، شفاف چونڊون ۽ عوام جي ووٽ جو احترام بحال ڪرڻو پوندو. هن چيو تظ حقيقي جمهوريت کان سواءِ ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام ممڪن ناهي. وفاق ۽ صوبن وچ ۾ اختلافن کي بيان بازي، خوف ۽ انتظامي دٻاءُ بدران پارليامينٽ، آئين ۽ جمهوري ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ جي گئس، تيل، ڪوئلي، بندرگاهن ۽ سامونڊي وسيلن مان حاصل ٿيندڙ آمدني سنڌ جي تعليم، صحت، روزگار ۽ ترقي تي خرچ ڪئي وڃي. سنڌ جي نوجوانن لاءِ روزگار، فني تعليم، جديد ٽيڪنالاجي، آءِ ٽي، صنعتن ۽ ڪاروبار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن. سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ، جعلي ڊوميسائلن، سفارشي ڀرتين ۽ سرڪاري نوڪرين جي وڪري جو خاتمو آندو وڃي. هن چيو ته سجاول، بدين ۽ ٺٽي جي سامونڊي پٽي ۾ موسمياتي تبديلي، سمنڊ جي اڳتي وڌڻ، زمينن جي تباهي، پاڻي جي کوٽ ۽ غربت خلاف هنگامي قدم کنيا وڃن. ڪينجهر، هاليجي ۽ منڇر ڍنڍن، سنڌ جي ڊيلٽا، تمر جي ٻيلن ۽ سامونڊي ماحوليات جي بحالي لاءِ عملي منصوبا شروع ڪيا وڃن. هن چيو ته سنڌ ۾ قبائلي جهيڙن، ڪاروڪاري، جرڳا سسٽم، اغوا، ڌاڙيل راڄ ۽ بدامني جو خاتمو آندو وڃي. عورتن، ٻارن، اقليتن، هارين، مزدورن ۽ محروم طبقن کي برابر جا حق، تحفظ ۽ باعزت زندگي جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. پاڪستان کي قرضن، ڪرپشن، اشرافيه جي مراعتن ۽ غير پيداواري خرچن مان ڪڍڻ لاءِ شفافيت ۽ عوام دوست معاشي سڌارا متعارف ڪرايا وڃن. هن چيو ته اسان جي جدوجهد ڪنهن قوم، ٻولي يا برادري خلاف ناهي پر ڪرپشن، جاگيرداري، آمريت، ناانصافي، استحصال ۽ سنڌ جي حقن تي ڌاڙي خلاف آهي. سنڌ جي وحدت، خوشحالي، امن، رواداري ۽ جمهوريت لاءِ سنڌ جا سمورا باشعور ماڻهو متحد ٿين. ريلي کي قومي عوامي تحريڪ سجاول جي اڳواڻن اشرف پليجو، يوسف ڪنڀار ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ