نيب جي وڏي ڪارروائي، اڳوڻي ڊي جي ايم ڊي اي محمد سهيل بابو جي گلشن اقبال واري گهر تي ڇاپو، اهم رڪارڊ ۽ دستاويز ضبط
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قومي احتساب بيورو (نيب) پاران ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ايم ڊي اي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل محمد سهيل بابو جي گلشن اقبال واري رهائشگاهه تي وڏي ڪارروائي ڪندي ڇاپو هنيو ويو، جنهن دوران اهم بينڪ رڪارڊ، ملڪيتن جا ڪاغذ، الاٽمينٽ فائلون ۽ ٻيا دستاويز تحويل ۾ وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب نيب ٽيم ڇاپي دوران اڳوڻي ڊي جي ايم ڊي اي جي گهر مان مختلف ملڪيتن جي خريداري ۽ ملڪيتن جي تفصيل بابت ڪاغذ، زمينن جي الاٽمينٽ سان لاڳاپيل فائلون، ليپ ٽاپ، ڪمپيوٽر، بينڪ اڪائونٽن جو رڪارڊ، چيڪ بڪ، مالي ڏيتي ليتيءَ جا واؤچر ۽ گاڏين بابت دستاويز ضبط ڪري پنهنجي تحويل ۾ ورتا ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب جي اها ڪارروائي محمد سهيل بابو خلاف مبينا ڪرپشن، آمدني کان وڌيڪ اثاثن ٺاهڻ، ايم ڊي اي ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ مالي بي ضابطگين بابت جاري جاچ جي سلسلي ۾ ڪئي وئي آهي. ضبط ڪيل رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ ذريعي ملڪيتن، بينڪ اڪائونٽن ۽ مالي معاملن جي تفصيل معلوم ڪرڻ سان گڏ اثاثن جي ذريعن جي جاچ ڪئي ويندي. نيب اختيارين مبينا طور اڳوڻي ڊي جي ايم ڊي اي جي ملڪيتن ۽ مالي معاملن بابت مختلف شڪايتن ۽ الزامن جي بنياد تي جاچ جو دائرو وڌايو آهي، جڏهن ته ڇاپي دوران هٿ آيل دستاويزن کي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) پڻ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪندي مبينا بي ضابطگين ۽ غيرقانوني معاملن جي جاچ دوران گرفتاريون ڪيون هيون، جنهن کانپوءِ ايم ڊي اي جي معاملن بابت جاچ وڌيڪ تيز ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.