پیر، 09 نومبر 2026
بریکنگ

سجاول: ٻارڻ برادري جي اڳوڻي يوسي ناظم محمد خان ٻارڻ کي برادري جي پڳ ٻڌائي وئي

سنڌي خبرون 09th Nov 2026 5 مناظر
سجاول: ٻارڻ برادري جي اڳوڻي يوسي ناظم محمد خان ٻارڻ کي برادري جي پڳ ٻڌائي وئي

برادري جي بزرگن ۽ نوجوانن جو نهايت ٿورائتو آهي، جن اعتماد ڪيو ۽ مان بخشيو: محمد خان ٻارڻ

سجاول (گلشير ميربحر) سجاول ڀرسان يوسي ڪامارو جي ڳوٺ غلام قادر ٻارڻ، جنهن کي مونجھڙي پڻ سڏيو وڃي ٿو، ۾ ٻارڻ برادري جي هڪ شاندار ۽ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اڳوڻي يوسي ناظم ڄار وڏيري محمد خان ٻارڻ کي برادري جي پڳ ٻڌائي وئي. تقريب ۾ ٻارڻ برادري جي معززين، بزرگن، نوجوانن ۽ سوين ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري برادري جي اتحاد، اتفاق ۽ ڀائيچاري جو ڀرپور اظهار ڪيو.تقريب جو اهتمام عبدالرحمان ٻارڻ، اقبال احمد ٻارڻ ۽ فياض احمد ٻارڻ پاران ڪيو ويو، جڏهن ته پروگرام ۾ برادري جي ماڻهن جي وڏي انگ ۾ شرڪت سبب تقريب کي خاص اهميت حاصل رهي.ان موقعي تي اڳوڻي يوسي ناظم ڄار وڏيري محمد خان ٻارڻ کي برادري جي پڳ ٻڌائي کيس برادري جي سربراهي ۽ اعتماد جي علامت طور مان ڏنو ويو. تقريب دوران برادري جي ماڻهن پاران وڏيري محمد خان ٻارڻ سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي سندس خدمتن کي ساراهيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي يوسي ناظم ڄار وڏيري محمد خان ٻارڻ چيو ته هو ٻارڻ برادري جي سڀني بزرگن، نوجوانن ۽ ماڻهن جو نهايت ٿورائتو آهي، جن مٿس اعتماد ڪندي کيس برادري جي پڳ سان نوازيو آهي. هن چيو ته برادري پاران ڏنل عزت ۽ اعتماد کي هو پنهنجو فرض سمجهي ٿو ۽ ان اعتماد تي پورو لهڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندو. وڌيڪ چيو ته برادري جي ڀلائي، ترقي ۽ ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ گڏيل صلاح مشوري سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. برادري جي ماڻهن جا مسئلا پنهنجا مسئلا سمجهي سندن آواز بڻجڻ ۽ جائز حقن لاءِ ساٿ ڏيڻ سندس اولين ترجيح هوندي. وڏيري محمد خان ٻارڻ چيو ته ڪنهن به برادري جي اصل طاقت اتحاد، اتفاق، ڀائيچاري ۽ هڪ ٻئي جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻ ۾ آهي. برادري اندر اختلافن کي ڳالهه ٻولهه ۽ افهام تفهيم ذريعي حل ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته نوجوانن کي مثبت سرگرمين ۾ اڳتي آڻڻ ۽ بزرگن جي عزت ۽ رهنمائي کي اهميت ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.هن چيو ته برادري جي اتحاد کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سڀني ماڻهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جيئن گڏيل مفادن ۽ برادري جي ترقي لاءِ هڪ پليٽ فارم تي گڏجي اڳتي وڌي سگهجي.تقريب دوران آجياڻي واري تقرير ڪندي بلاول ٻارڻ آيل مهمانن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته اهڙين تقريبن جو بنيادي مقصد برادري ۾ اتحاد، اتفاق ۽ ڀائيچاري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ آهي. هن چيو ته برادري جي ماڻهن کي پاڻ ۾ محبت، هم آهنگي ۽ اتحاد برقرار رکندي گڏيل مفادن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. تقريب ۾ حاجي حسن ٻارڻ، وڏيري اسماعيل ٻارڻ ۽ ايڊووڪيٽ اختر سرور ٻارڻ کي پڻ بوسڪي جا پٽڪا ٻڌائي مان ڏنو ويو، جڏهن ته تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن کي سنڌ جي ثقافت جي علامت اجرڪون ۽ لونگيون پارائي سندن آجيان ڪئي وئي. تقريب دوران برادري جي ماڻهن پاران اتحاد ۽ اتفاق جو پيغام ڏنو ويو، جڏهن ته پروگرام خوشگوار ماحول ۾ پڄاڻي تي پهتو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ