پیر، 09 نومبر 2026
بریکنگ

سکر کان ڪراچي لاءِ نڪتل سنڌ پوليس لاءِ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جو پيادل مارچ نوشھروفيروز پھچي ويو

سنڌي خبرون 09th Nov 2026 7 مناظر
سکر کان ڪراچي لاءِ نڪتل سنڌ پوليس لاءِ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جو پيادل مارچ نوشھروفيروز پھچي ويو
نوشهرو فيروز(ڊ ر) سنڌ پوليس ڪانسٽيبل جي ويٽنگ اميدوارن جو سکر کان ڪراچي وزيراعليٰ هائوس ڏانهن ويندڙ پيادل مارچ ٺاروشاھ باء پاس نوشهرو فيروز پهچي ويو، ٻن سالن کان انصاف لاء پريشان آهيون، ميرٽ تي سمورا مرحلا پاس ڪرڻ باوجود آفر آرڊر جاري نٿا ڪيا وڃن:اميدوار, سنڌ پوليس ۾ ڪانسٽيبل اميدوارن پاران آفر آرڊر جاري ڪرڻ ۽ رهيل ويٽنگ لسٽون ظاهر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو ان سلسلي ۾ پيادل مارچ ۾ شامل اميدوارن مظفر جوکيو، شاهنواز تڳر، عامر بلر مهتاب مهر، وڪيل هاليپوٽو محسن چنا ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سال 2024 ۾ سنڌ پوليس ۾ سپاهي جي ڀرتي لاء اسان سمورا مرحلا ميرٽ جي بنياد تي ڪاميابي سان مڪمل ڪيا، پر افسوس جو ٻن سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود اسان کي اڃان تائين آفر آرڊر جاري ناهن ڪيا وياجڏهن ته پوليس کاتي ۾ جايون خالي آهن ھنن چيو ته گذريل ٻن سالن کان انصاف جي حاصلات لاء مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون ۽ مختلف هنڌن تي پنهنجو آواز بلند ڪري رهيا آهيون، پر هن وقت تائين ڪنهن به لاڳاپيل اختيارين اسان جي مسئلي جو نوٽيس وٺي مستقل ڪوحل ناهي ڪڍيو، جنهن سبب ميرٽ تي ڪامياب ٿيندڙ نوجوان سخت ذهني پريشانيء واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن اميدوارن وڌيڪ چيو ته سکر رينج جي اميدوارن کان ٻيهر انٽرويو وٺڻ باوجود سندن ويٽنگ لسٽ جاري ناهي ڪئي وئي، جڏهن ته بدين ضلعي جي اميدوارن جي ويٽنگ لسٽ پڻ ظاهر نه ڪئي وئي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ٻنهي معاملن کي ترت حل ڪري سمورن اهل اميدوارن جون ويٽنگ لسٽون پڌريون ڪيون وڃن ھنن وزيراعليٰ سنڌ، صوبائي گهرو وزيرضياء الحسن لنجار۽ آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو فوري طور نوٽيس وٺي سنڌ پوليس ڪانسٽيبل جي ويٽنگ اميدوارن کي جلد کان جلد آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن۔ پنهنجا مطالبامڃرائڻ لاء نڪتل سکر کان پيادل لانگ مارچ نوشهرو فيروز باء پاس کان ٿيندو ڪراچي سي ايم طرف روان دوان آهي جتي پهچي ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ