قائدآباد ۾ مبينا طور زهريلي شئي واپرائڻ سبب نوجوان ناري فوت
ناري جو لاش جناح اسپتال منتقل، اقصيٰ زال انس طور سڃاڻپ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قائدآباد جي علائقي ريلوي اسٽيشن ڀرسان بينظير سوسائٽي ۾ قائم هڪ فليٽ اندر مبينا طور زهريلي شيءِ پيئڻ سبب 22 ورهين جي عورت فوت ٿي وئي اطلاع ملڻ تي عورت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ طبي امداد لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هوءَ زندگي جي جنگ هارائي وئي فوت ٿي ويل عورت جي سڃاڻپ اقصيٰ زال انس جي نالي سان ڪئي وئي آهي. واقعي جو اطلاع ملڻ تي لاڳاپيل اختيارين جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته عورت جي موت جو اصل ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قانوني ڪارروائي ۽ جاچ جاري آهي.