سجاول ۾ ڊجيٽل فراڊ کان بچاءَ، مائڪروفنانس سروسز بابت آگاهي تقريب منعقد
بنا وياج قرضن جي پروگرام بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ بوائز ڊگري ڪاليج جي آڊيٽوريم هال ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي
سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ اخوت اسلامڪ مائڪرو فنانس سجاول ۽ پاڪستان پاورٽي ايلويئيشن فنڊ (PPAF) جي سھڪار سان ڊجيٽل فراڊ کان بچاءَ، مائڪروفنانس سروسز بابت آگاهي ۽ بنا وياج قرضن جي پروگرام بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ آگاهي تقريب گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج سجاول جي آڊيٽوريم هال ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب اخوت اسلامي مائڪرو فنانس ايريا مئنيجر سجاول سميع الله شاھني ۽ اخوت اسلامي مائڪرو فنانس سجاول جي سموري ٽيم پاران سجائي وئي، جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سجاول عمران علي سولنگي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان کان علاوه سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي ڪي بي بھراڻي، واپاري اڳواڻ حافظ رياض ميمڻ، وائيس پرنسپال بوائز ڊگري ڪاليج سجاول محمد حسن ڀٽي ۽ گرلز ڊگري ڪاليج سجاول جي پرنسپال رشيده بانو سميت وڏي انگ ۾ عورتن ۽ شھرين شرڪت ڪئي. تقريب جو مقصد عوام ۾ ڊجيٽل فراڊ بابت شعور اجاگر ڪرڻ، مائڪروفنانس جي خدمتن کان آگاھ ڪرڻ ۽ بنا وياج قرضن جي پروگرام بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ هو. تقريب ۾ ڊجيٽل فراڊ جي مختلف طريقن، ان کان بچڻ جي احتياطي تدبيرن ۽ مالي معاملن ۾ احتياط جي اهميت بابت آگاهي ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ان سان گڏ اخوت اسلامڪ مائڪرو فنانس جي خدمتن ۽ بنا وياج قرضن جي پروگرام بابت پڻ ڄاڻ ڏيڻ جو مقصد رکيو ويو، تہ جيئن ضرورت مند ماڻهن کي مالي سهولتن بابت آگاهي ملي سگهي. تقريب جو پيغام ”مضبوط خاندان، مضبوط معاشرو، غربت کان خوشحالي ڏانهن“ هو، جڏهن تہ دخترانِ پاڪستان جي مهم کي پڻ اجاگر ڪيو ويو، جنهن جو مقصد انتهاپسندي ۽ تشدد جي سمورن قسمن جي خاتمي لاءِ شعور پيدا ڪرڻ آهي. ان موقعي تي پروگرام جي منتظمين جو چوڻ هو تہ اهڙين آگاهي تقريبن ذريعي عوام کي مالي خدمتن بابت صحيح ڄاڻ ڏيڻ، ڊجيٽل فراڊ کان محفوظ رهڻ ۽ سماج ۾ مثبت تبديلي آڻڻ لاءِ شعور پيدا ڪرڻ اهم آهي.