پیر، 09 نومبر 2026
بریکنگ

گجو ويجھو جانورن جي پالنا کاتي جي ٽيم پاران چوپائي مال جي ويڪسين

سنڌي خبرون 09th Nov 2026 7 مناظر
گجو ويجھو جانورن جي پالنا کاتي جي ٽيم پاران چوپائي مال جي ويڪسين

ڊاڪٽر نيل ڪمار، ابراھيم پليجو، منظور ٻرڙو ۽ حبيب الله بروھي تي ٻڌل ٽيم ڳوٺ شوڪت جوکيو پھتي

ٺٽو( ڊر) گجو لڳ ڳوٺ شوڪت جوکيو ۾ چوپائي مال جي بيمار ٿيڻ واري اطلاع تي جانورن جي پالنا کاتي ٺٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض وڳڻ جي خاص ھدايتن تي جانورن جي پالنا کاتي ٺٽي جي ٽيم ڊاڪٽر نيل ڪمار، ابراھيم پليجو، منظور ٻرڙو ۽ حبيب الله بروھي جن پھچي چوپائي مال کي مختلف وڇرندڙ بيمارين کان بچاء جي ويڪسين ڪري بيمار جانورن جو علاج پڻ ڪيو ويو، ان موقعي تي ڊاڪٽر نيل ڪمار بڌايو تہ ھنن جي اڄ ڏياري عيد ھجڻ باوجود جانورن جي پالنا کاتي ٺٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض وڳڻ جي خاص ھدايتن تي گجو لڳ ڳوٺ شوڪت جوکيو ۾ پھچي چوپائي مال کي ويڪسين ڪري بيمار جانورن جو علاج پڻ ڪيو اھي، جنھن ڪري ڀاڳئين اسدالله جوکيو ۽ ٻين ۾ خوشي جي لھر ڇانئني ويئي اھي، ڊاڪٽر نيل ڪمار چيو تہ اسان جي کاتي پاران ڇوپائي مال کي مختلف بيمارين کان بچاء خاطر اڳواٽ ويڪسين مھم جاري اھي، جڏھن تہ قائم ڪيل اسپتالن توڙي سينٽرن تي عملو بہ ھر وقت موجود رھي ٿو، ڀاڳئين کي گھرجي تہ ھو اسانجي عملي سان لھ وچڙ ۾ اچي پنھنجي چوپائي مال جو مفت علاج ۽ ويڪسين ڪرائين. ھن چيو تہ موبائل گشتي ٽيمون پڻ پنھنجو ڪم بھتر نموني ادا ڪري رھيون آھن. ان موقعي تي مقامي رھواسي ڀاڳئين اسدالله جوکيو ۽ بين پڻ جانورن جي پالنا کاتي ٺٽي جي ٽيم جو ٿورو مڃيو، جن سندن ڳوٺ پھچي سندن بيمار جانورن جو علاج ڪري کرن ويڪسين لڳرائي ويمي، جيئن سندن چوپايو مال ھميشہ لاء بيمارين کان محفوظ رھي سگھي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ