عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي درٻار ھال ۾ گذريل پوليو جي اين آئي ڊي مئي 2025 جي پوسٽ ڪيمپنگ جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ھڪ اھم اجلاس ڪوٺايو ويو، ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ چيو ته جيڪي بہ ٻار پوليو مهم دوران پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان رهجي ويا ھجن يا ٻين علائقن ڏانهن ويل ھجن تہ انھن ٻارڙن جي لسٽ لاڳاپيل ضلعي جي ڊي پي سي آر کي موڪلي وڃي تہ جيئين انھن ٻارڙن جي ڪوريج ٿي سگهي، ان موقعي تي ھن صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪندي چيو ته پوليو مهم دوران ڪٿي به ڪا دشواري پيش اچي تہ فوري طور تي پھرين مرحلي ۾ لاڳاپيل يونين ڪاؤنسل جي نمائندن سان رابطو ڪري ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا وڃن، ھن چيو ته جن بہ يونين ڪاؤنسلن ۾ پوليو جي ڪوريج گھٽ ٿي آھي اتي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي ۽ ايندڙ پوليو مهم دوران انھن علائقن جي ڪوريج سئو سيڪڙو ڪئي وڃي، ان موقعي تي ھن ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد علي کي ھدايت ڪندي چيو ته پوليو مهم دوران جيڪي بہ ويڪسينيٽر ڪم نٿا ڪن انهن جي خلاف فوري طور تي قانوني ڪاروائي ڪري شوڪاز نوٽيس جاري ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ھن چيو ته پوليو ھڪ قومي فريضو آهي ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن توڙي آفيسرز جي اولين ذميواري آهي ته ھو انھي پوليو مهم دوران پنھنجي ڊيوٽي احسن طريقي سان ادا ڪن، ان موقعي ھن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرز کي ھدايت ڪندي چيو ته پوليو مهم دوران مانيٽرنگ جي دائري کي وڌايو وڃي ۽ جيڪي بہ والدين پنھنجي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نٿا پيارين انھن جي بھتر نموني ڪائونسلنگ ڪري انھن کي پابند بڻايو وڃي، ان موقعي تي پوليو جي ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار کتري اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته گذريل پوليو مهم دوران 11817 ٻار اھڙا ڪور ڪيا ويا ھئا جيڪي مھمان طور ترسيل ھئا، ھن چيو ته اين آئي ڊي مئي 2025 دوران 14881 ٻار اين اي جي ڪوريج ٿي آھي جڏھن ته ڪيچپ واري ڏينهن تي 10687 ٻارڙن جي ڪوريج ٿي آھي، ھن چيو ته مئي جي اين آئي ڊي دوران زيرو ڊوز جي ٻارڙن جي ڪوريج 93 سيڪڙو ٿي آھي، ھن چيو ته گذريل پوليو مهم دوران ڪجھ يونين ڪاؤنسلن جي ڪوريج گھٽ رھي آھي جنھن ۾ ڍورو نارو، غريب آباد، ڪپلور، کوکراپار ۽ ٻيون شامل آهن، ان موقعي تي ھن اجلاس کي ٻڌايو ته پوليو ويڪسين جي ڪولڊ چين برقرار رکڻ جي لاءِ ڪجھ نوان آئيس پيڪيٽ آڻڻ جي ضرورت آھي، ان موقعي تي اجلاس ۾ چئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو و پٿورو سنجي ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي، اي پي آئي جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر شير مھر، پي پي ايڇ آئي جي ڊي ايم، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ھريش چندر کتري، ڊي ايڇ او جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر درگا شنڪر، ڊي ايس پي تصور جٽ، سي ايم او ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ سيد ساجد شاهه، ڊپٽي ڊي او سائين زمان شاھ، ڊاڪٽر ليکراج مل سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.
0 تبصرے