آبادگارن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو

آبادگارن جي کائڻ ۽ پوکڻ لاءِ رکيل ڪڻو ضبط ڪري طلب ڪرڻ لاءِ کين ھيسايو پيو وڃي

آبادگارن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو

ھڱورجا(رپورٽر)خيرپور ضلعي م روينيو فوڊ ۽ ٻين کاتن پاران آبادگارن جي رکيل کائڻ ۽ٻج واري ڪڻڪ ضبط ڪري رشوت طلب ڪرڻ لاءِ انهن کي مختلف طريقن سان تنگ ۽ حراسان ڪيو پيو وڃي اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر اينڊ فوڊ پاڪستان سکر ريجن جي صدر پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو پنهجي هڪ بيان ۾ ڪيو آهي هن چيو ته ڪڻڪ لهڻ وقت فوڊ ڊپارٽمينٽ غائب رهيو آبادگار ننڍا زميندار ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ لاءِ رلائيندا رهيا پر سرڪار انهن کان ڪڻڪ خريد نه ڪئي ٻه مهينا لڳاتار فوڊ وارا آسرا ڏيندا رهيا پر ڪڻڪ ڪنهن نه ورتي اها ڪڻڪ آبادگارن اسٽور ڪئي هن وقت ڪڻڪ مهانگي ٿي وئي اهڙي طرح واپارين پڻ مهانگي ريٽ تي ڪڻڪ خريد ڪئي سنڌ حڪومت جي غلط پاليسن سبب ڪڻڪ جو هٿ سان بحران پيدا ڪيو ويو جنهن جو ذميوار خوراڪ کاتو سنڌ آهي ان م آبادگارن يا واپارين جو ڪوبه قصور نه آهي هاڻي آبادگارن کي تنگ پريشان ۽ حراسان ڪيو پيو وڃي رشوت طلب ڪئي پئي وڃي رشوت نه ڏيڻ وارن جا ڀانڊا سيل ڪيا پيا وڃن پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو وڌيڪ چيو ته حڪومت جيڪڏهن ڪڻڪ وٺڻ چاهي ته موجوده ريٽ جي حساب سان ڪڻڪ خريد ڪري ته آبادگار ڏيڻ لاءِ تيار آهن ٻي صورت م انهن کي تنگ ۽حراسان ڪرڻ بند ڪيو وڃي آبادگار سخت احتجاج ڪندا ڪورٽ جو در پڻ کڙڪائيندا