English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ايس ٽي پي پاران سنڌوءَ جي تحفظ لاءِ 2 آگسٽ تي ريلي ڪڍڻ جو اعلان
6 views
|
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي زمينن، ڪراچي جي ڳوٺن ۽ سنڌو درياهه جي تحفظ لاءِ عوامي تحريڪ تيز ڪرڻ جو عزم
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪراچي جي اڳواڻن اعجاز سامٽيو، خير محمد مگسي، ڊاڪٽر مظهر ميمڻ، ولي ناريجو، رشيد سڌايو ۽ قمرالدين ڪلهوڙو عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پر هجوم پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو آهي ته سنڌ ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغانين جي نيڪالي لاءِ 2 آگسٽ تي ريگل چوڪ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي، جنهن ۾ هزارين ماڻهو شرڪت ڪندا اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي پنهنجي ڊگهي اقتدار دوران ڪرپشن، بدانتظامي ۽ وسيلن جي ڦرلٽ ذريعي عوام کي بنيادي حقن کان محروم رکيو آهي ۽ هاڻي عوام انهن کان پنهنجي حقن جو حساب وٺڻ لاءِ تيار آهي. هنن چيو ته ملڪ جي ٻين صوبن ۾ غير قانوني پرڏيهين جي واپسي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، پر سنڌ حڪومت ان معاملي ۾ ڪا سنجيدگي ظاهر نه ڪئي آهي پريس ڪانفرنس دوران اڳواڻن الزام هنيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ غير قانوني هٿيارن، منشيات، اسٽريٽ ڪرائيم ۽ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال ۾ ڪجهه غير قانوني طور رهندڙ افغانين جو ڪردار سامهون اچي رهيو آهي، جڏهن ته انهن کي حڪومتي سرپرستي پڻ حاصل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ رهندڙ سمورن غير قانوني پرڏيهين بابت شفاف پاليسي اختيار ڪئي وڃي ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي زمينن تي قبضا، سنڌو درياهه تي نون ڪينالن جي تعمير، ڪراچي ۽ سنڌ جي قديمي ڳوٺن جي بقا، سامونڊي پٽي جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ مقامي آبادي کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون سنڌ جي وجود لاءِ سنگين خطرا بڻجي چڪيون آهن. هنن زور ڀريو ته سنڌ جي قدرتي وسيلن، زمينن ۽ تاريخي سڃاڻپ جي تحفظ لاءِ سمورن قومپرست، سياسي ۽ سماجي ڌرين کي گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي.اڳواڻن چيو ته 2 آگسٽ واري احتجاجي ريلي صرف افغانين جي نيڪالي تائين محدود نه هوندي، پر اها سنڌ جي حقن، وسيلن جي تحفظ، ڪراچي جي مقامي آبادي جي بقا ۽ حڪومتي نااهلي خلاف عوامي آواز پڻ ثابت ٿيندي. هنن عوام، وڪيلن، شاگردن، مزدورن، هارين، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کي وڏي انگ ۾ ريلي ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي پريس ڪانفرنس جي آخر ۾ اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت عوامي مطالبن تي ڌيان نه ڏنو ته احتجاجي تحريڪ کي سڄي سنڌ تائين وڌايو ويندو ۽ هر ضلعي ۾ عوامي مزاحمت منظم ڪئي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
آبادگارن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ٽائون پوليس جي ڪارروائي، 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ استادن جو 2023 جي آدمشماري جو معاوضو نھ ملڻ خلاف احتجاج
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ايس ٽي پي پاران سنڌوءَ جي تحفظ لاءِ 2 آگسٽ تي ريلي ڪڍڻ جو اعلان
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ايس تي پي پاران سنڌوءَ جي تحفظ لاءِ
0 تبصرے