ملير: اسٽيل ملز انتظاميه ملز جي پورهيتن کي ڳرا بل موڪلي ڇڏيا

ملير: اسٽيل ملز انتظاميه ملز جي پورهيتن کي ڳرا بل موڪلي ڇڏيا

ملير (رپورٽر) پاڪستان اسٽيل ملز انتظاميا پورهيتن سان انتقامي ڪاروائين تي لهي آئي ، اسٽيل ٽائون سپ جي رهواسين کي عيد جي ٻئين ڏينهن بجلي جا ڳرا بل موڪلي ڇڏيا ، رهواسي پريشان ، سي اي او ۽ اي اينڊ پي ڊائريڪٽر اسٽيل ملز سنڌ جي وڏي وزير ۽ ڪمشنر ڪراچي سان ڪيل معاهدي کي ٿڏي ڇڏيو ، پاڪستان اسٽيل ملز جي پورهيتن چيو آھي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن اهڙا ڪامورا ناهن ڏٺا جيڪي ملڪ جي قانون ۽ آئين جا لتاڙ ڪري رهيا آھن جيڪي ڪورٽن سميت وڏن وزيرن مشيرن ڪمشنرن جي به نٿا ٻڌن هڪ طرف وڏي پيماني تي اسٽيل ملز پلانٽن مان ڪروڙين روپين جون سرعام چوريون ڪرايون پيون وڃن ته وري ٻئي پاسي 1378 ملازمن کي قانوني کان مٿانهون قدم کنڻي اسٽيل ملز مان جبري نيڪالي ڏئي هاڻ انتقامي ڪاروائين تي لهي آيا آھن اسٽيل ملز جا راشي ڪامورا هاڻ مختلف طريقن سان پورهيتن کي حرسان ڪري رهيا آھن هنن صدر پاڪستان ،آرمي چيف ، سپريم ڪورٽ ، وزيراعظم پاڪستان ، پيپلزپارٽي بلاول پٽو زرداري وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته پورهيتن جو مسئلا فوري طور حل ڪري انصاف ڪيو وڃي آفسرن خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪئي وڃي