English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گهگهر جي ڳوٺ حاصل سالار جوکيو جي واٽر سپلائي اسڪيم ڏهن سالن کان ناڪاره بڻيل
views
|
14th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
ملازم گهر ويٺي پگهار کڻڻ لڳا، ڪروڙين رپين جي لاڳت باوجود اسڪيم هڪ ڏينهن به نه هلي سگهي: رهواسي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گهگهر جي ڳوٺ حاصل سالار جوکيو جي واٽر سپلائي اسڪيم ڏهن سالن کان ناڪاره، ملازم گهر ويٺي پگهار کڻڻ لڳا، ڪروڙين رپين جي لاڳت باوجود اسڪيم هڪ ڏينهن به نه هلي، مشينري سميت سمورو قيمتي سامان غائب، ڳوٺاڻا زميني بور جو کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن ڪو به ڳوٺاڻو بيماري سبب اجل جو شڪار ٿيو ته ان جا ذميوار علائقي جا چونڊيل نمائندا هوندا، سياسي سماجي اڳواڻ سليم سالار ایم این اي، ايم پي اي ۽ ٽائون گڏاپ جي، چيئرمين کي احتجاجي خط لکي ڇڏيو، تفصيل موجب ملير جي نامياري سياسي سماجي اڳواڻ سليم سالار ملير جي چونڊيل نمائندن ايم اين اي ڄام عبدالڪريم، ايم پي اي ساجد جوکيو، پيپلزپارٽي ملير جي جنرل سيڪريٽري امداد جوکيو، گڏاپ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي چيئرمين طارق عزيز، يونين ڪميٽي گهگهر جي چيئرمين اڪبر بلوچ، وائس چيئرمين ستار خليفو ۽ ٻين جي نالي خط احتجاجي خط لکي انڪشاف ڪيو آهي ته يونين ڪائونسل گھگھر جي ڳوٺ محمد حاصل سالار جوکيو جي واٽر سپلائي اسڪيم گذريل ڏھن سالن کان وٺي غير فعال آھي، ھن واٽر سپلائي اسڪيم تي گورنمينٽ جي فنڊ مان ڪروڙين روپيه خرچ ڏيکاريل آھن، ھيء واٽر سپلائي اسڪيم ھڪ ڏينھن به نه ھلي آھي، ھيء واٽر سپلائي اسڪيم موجوده وقت "گڏاپ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن" جي ڪنٽرول ھيٺ آھي، ھن واٽر سپلائي اسڪيم جي مشينري ۽ ٻيو سڀ سامان سڀ ڪجھ غائب ڪيو ويو آھي، ھن اسڪيم جي نالي تي چار ملازم گھر ويٺي پگھارون کڻن پيا، هن وڌيڪ چيو آهي ته ڳوٺاڻا زير زمين کارو پاڻي واپرائڻ سبب ڪينسر، گردي، جگر، خارش، هيپاٽائيٽس جھڙين بيمارين ۾ مبتلا ٿي چڪا آھن، سندس وڌيڪ چوڻ آهي ته مون ھن کان پھريان به ڪافي ڀيرا روبرو، لکت ۾، سوشل ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا ۽ درخواستون ڏنيون آھن پر اڃا تائين ھڪ ٽڪي جيترو ڪم يا عمل نه ڪيو ويو آھي، جيڪڏھن ڪو به ڳوٺاڻو بيماريء سبب موت جو کاڄ ٿئي ٿو ته انھيء جا ذميوار علائقي جا چونڊيل نمائندا ھوندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
پاکستان
پاکستان سے امریکا منتقل ہونیوالی27 سالہ ڈاکٹر جگر ٹرانسپلانٹ سے آدھا گھنٹہ قبل چل بسیں
29th Sep 2025
•
تازہ ترین
کھیلوں میں جنگ کو گھسیٹنے سے صرف بھارت کی ’بوکھلاہٹ‘ ظاہر ہوتی ہے، محسن نقوی
29th Sep 2025
•
پاکستان
کمشنر قلات ڈویژن ڈاکٹر طفیل بلوچ سے ڈپٹی کمشنر آواران انجینئر عائشہ زہری کی خضدار میں اہم ملاقات
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ پاران انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۾ سالانه بلڊ ڪئمپ لڳائي وئي
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ درٻيلو واسي پيرسن جو پٽ خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 9 جواري گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
گهگهر جي ڳوٺ حاصل
ڳوٺ حاصل سالار جوکيو
0 تبصرے