هريش ڪمار سان عدالت ۾ پرڻو ڪيو هو، هڪ پٽ جو اولاد آهي: شمع اوڏ
نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ ڏنگيجا واسي زال مڙس جو مائٽ پاران ملندڙ موت مار ڌمڪين خلاف احتجاج، عورت شريمتي شمع اوڏ پنهنجي مڙس هريش ڪمار سان گڏ پريس ڪلب پهچي ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو آهي ته 18 مهينا اڳ هريش ڪمار سان حيدرآباد جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو هو جنهن مان هڪ پٽ جو اولاد به آهي هاڻي منهنجا مائٽ ۽ هريش ڪمار جا مائٽ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ھن چيو ته 18 مهينن کانپوءِ مائٽ جاني دشمن بڻيا آهن جيڪي چون ٿا هريش ڪمار سان شادي ڇو ڪيئي توهان کي به مارينداسين ۽ پٽ کي به ان ڪري اسان آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشھروفيروز کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي مائٽن جي خلاف قدم کڻڻ جي گهر ڪريون ٿا
0 تبصرے