ڪراچي جي اوڀر واري سامونڊي پاسي ۾ واقع گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون ڪڏهن پاڪستان اسٽيل ملز جي ملازمن لاءِ اميدن جا گهر سمجهيا ويندا هئا جتي روزگار، سهولتون ۽ سڪون گڏيل نعمتون هيون۔ 1970ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي قيام سان گڏ انهن علائقن جو بنياد وڌو ويو۔ اسٽيل ملز جو افتتاح 1985ع ۾ ٿيو، جتي لڳ ڀڳ 18 هزار ملازم ڪم ڪندا هئا۔ انتظاميا ۽ يونينز جي معاهدي تحت گلشن حديد کي فیز وائز ترقي ڏني وئي، ۽ فیز فور تائين هزارين خاندان آباد ٿيا پر وقت سان گڏ اها ترقي زوال ۾ بدلجي وئي۔ 1990ع کانپوءِ انتظامي نااهلي، سياسي مداخلت ۽ بدعنوانيءَ سبب ڪارخانو آهستي آهستي ڪمزور ٿيندو ويو۔ 2015ع تائين پيداوار مڪمل بند ٿي وئي، مشينون زنگ آلود ٿي ويون ۽ هزارين مزدور بيروزگار ڪيا ويا جيڪي ڪڏهن قومي اثاثو هئا، سي پوءِ معاشي بحران ۽ انساني تڪليف جو نشان بڻجي ويا اسٽيل ملز جي بند ٿيڻ سان گڏوگڏ گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون جي زندگي به بي روح ٿي وئي۔ پاڻي، بجلي، صفائي ۽ سيوريج جو نظام درهم برهم ٿي ويو۔ گذريل اٺن سالن کان علائقي واسي پاڻيءَ جي سخت کوٽ جو شڪار آهن۔ سرڪاري فراهمي بند ٿيڻ بعد ماڻهو زميني کارو پاڻي استعمال ڪرڻ يا مهانگي قيمت تي ٽينڪر وٺڻ تي مجبور آهن، جتي هڪ ٽينڪر جي قيمت 3500 کان 5000 رپين تائين پهچي وئي آهي۔ نتيجي ۾ ڪيترن ئي خاندانن جي زندگي معاشي ۽ ذهني پريشاني ۾ گذري رهي آهي ٽريڊ يونينز، جيڪي مزدورن جي حقن لاءِ آواز بڻجڻ گهرجن ها، اهي پاڻ سياسي اثر هيٺ اچي ڪمزور ٿي ويون۔ يونين اڳواڻ پنهنجي مفادن ۽ پارٽي لاڳاپن سبب مزدورن جي اصلي مسئلن تان ڌيان هٽائي ڇڏيو۔ احتجاج، ڌرڻا ۽ جلسا مقصد بدران سياست بازيءَ جو اوزار بڻجي ويا۔ نتيجي طور مزدورن ۾ مايوسي وڌندي وئي ۽ جدوجهد بي نتيجا رهجي وئي سياسي پارٽين جو ڪردار به تڪراري رهيو۔ هر حڪومت پنهنجي دور ۾ اسٽيل ملز جي نجڪاري يا بحاليءَ جا واعدا ڪندي رهي، پر عملي قدم ڪنهن به نه کنيو۔ اقتدار کان ٻاهر ايندي ئي اهي ساڳيون پارٽيون مزدورن سان گڏ احتجاج ڪرڻ لڳيون۔ هي تضاد مزدورن جي تڪليفن ۾ وڌيڪ اضافو جو سبب بڻيو اڄ گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون جون خالي گهٽيون، ، ڀڳل گهر، ۽ اجڙيل روڊ انساني الميي جي تصوير بڻيل آهن۔ بقايا جات، پينشن ۽ روزگار جي واعدن تي ڪنهن به عمل نه ڪيو ڪيترائي ملازم صدمي سبب حياتي وڃائي چڪا آهن، ۽ جيڪي زنده آهن سي به بيمارين ۽ بيروزگاريءَ سان وڙهي رهيا آهن هاڻي ضروري آهي ته حڪومت اسٽيل ملز جي بحالي لاءِ هڪ خودمختيار ڪميشن ٺاهي، سياسي مداخلت کان پاڪ انتظاميه مقرر ڪري، ۽ مزدورن جي بقايا جات ۽ پينشن جي ادائيگي فوري طور تي يقيني بڻائي۔ پاڻي ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ نوان منصوبه بندي ٿيل نيٽ ورڪ تيار ڪيا وڃن۔اسٽيل ملز ۽ ان سان لاڳاپيل علائقا رڳو هڪ ڪارخاني يا ڪالوني جي ڪهاڻي نه، پر قومي ادارن جي زوال، حڪومتي بي حسي ۽ مزدورن جي جدوجهد جو علامتي باب آهن۔ جيڪڏهن هاڻي به ايمانداريءَ سان قدم نه کنيا ويا، ته هي علائقا مڪمل طور “شهرِ خموشان” ۾ تبديل ٿي ويندا.
0 تبصرے