English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جو ڀٽ شاهه مان نڪتل پيادل مارچ ستن ڏينهن بعد حيدرآباد پهتو جتي شاندار جلسو ٿيو، تڪرار ڪئنال منصوبو ختم ڪرڻ جو مطالبو
views
|
21st Apr 2025
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد:قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد ڊويزن جو 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ڀٽ شاھ کان نڪتل درياھ بچايو سنڌ بچايو پيادل مارچ رات جو حيدرآباد ۾ ھالا ناڪہ وٽ ترسڻ بعد ستين ڏينھن صائمه پلازه ڪاري موري کان پرجوش نعرن ۽ قومي گيتن سان روانو ٿيو، جنھن جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون، الطاف خاصخيلي، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر رفعيہ پليجو، قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد ڊويزنل جنرل سيڪريٽري اختيار پنھور، نذير بليدي، خادم سمون، امداد پنھور، اعجاز سومرو، سنڌياڻي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، شازيه احمداڻي، ناھيد جوڳي، صبا سمون، عذرا رند، فضا ملاح، فريد ملاح، معشوق چانڊيو، راجا چانڊيو، آغا عباس، جھانگير ملاح، رفيق ڪنراڻي، زاھد ڀنڀرو، معشوق وگھيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين سنڌياڻين سميت ھزارين ماڻهن جو پيادل مارچ ٻڪرا منڊي، سٽي گيٽ، سول اسپتال، تلڪ چاڙهي، ڇوٽڪي گھٽي، اسٽيشن روڊ، حيدر چوڪ، گول بلڊنگ کان ٿيندو حيدرآباد آباد پريس ڪلب پھتو جتي جلسي جي صورت اختيار ڪري ويو. پيادل مارچ جي وک وک تي اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن، واپارين، شھرين گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو، تلڪ چاڙهي چوڪ تي واپارين پاران شربت جي سبيل لڳائي پانڌيڙن کي جوش، بوتلون پڻ ڏنيون. ڪئنالن خلاف خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ڪئنال سمورا نامنظور، درياھ تي ڌاڙو نامنظور، زرداري واضع ڪر اعلان. ڪئنال کپئي يا پاڪستان. شھباز واضع ڪر اعلان. ڪئنال کپئي يا پاڪستان. پريس ڪلب اڳيان جلسي کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي چيو تہ ڪئنال ٺهيا تہ سنڌ ڪربلا جو ميدان هوندي, ماڻهو هڪ ھڪ ڦڙي لاءِ تڙپندا. درياھ، وطن ۽ قوم وڪڻي دولت جا انبار جمع ڪرڻ وارا وقت جا ڪرپٽ حڪمرانو وزير ڪرپٽ آفيسر ۽ انھن جا چمچا ڪجھ شرم ڪيو. زرداري صاحب دنيا فاني آھي، ھي کربين رپيا، مال ملڪيتون سڀ اتي ئي رھجي ويندا، اصل ڳالھ اھا آھي تہ قوم ۽ وطن اوھان کي ڪيئن ياد رکندا؟ مظھر راھوجي چيو تہ اي سنڌو درياء! تون اسان جو رت ست، اسانجو ساھ ۽ ويساھ آھين، اي مھراڻ! تون قدرت ماءُ طرفان اسان لاءِ سڀ کان مقدس ترين تحفو آھين. سنڌي ماڻهو توهان کي ڪئنال ٺاهڻ ڪون ڏيندو، اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشس ڪئي پئي وڃي تہ ڪئنال ٺاهي ويندا، ڪئنال ٺهن پيا، ڪم هلي پيو ، سنڌي ڪجھ نہ ڪري سگهندا،اهو غلط تاثر آهي. ڪينالن خلاف سڄي سنڌ متحد ۽ ھڪ آواز آهي. شھباز شريف توھانکي غلط فھمي آھي تہ سڄي سنڌ ڪا حڪمران وڏيرن، سردارن، مرشدن، وزيرن، ڪامورن ۽ کرب پتين وانگر ھيڻي، موقعي پرست ۽ ڀاڙي آھي، سنڌ جي پورھيتن ۽ ھيٺين وچولي طبقي جو ٻچو ٻچو پنھنجي وطن، ڪئنالن خلاف آخري گھڙي ۽ آخري فتح تائين وڙھندو. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو تہ پيپلزپارٽي نواز ليگ ۽ ٻين سنڌ دشمن ڌرين سان گڏجي سنڌي ماڻهن جي نسل ڪشي ڪرڻ چاهي ٿي. سنڌو درياھ تي حملو ڪندڙن سان پيپلزپارٽي گڏ آھي سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر ٿيڻ سان گڏ ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي ۽ جر جو پاڻي زھريلو ٿي ويندو. سمنڊ ٺٽو، بدين ۽ سجاول ضلعن کي مڪمل ڳڙڪائي ويندو. سنڌ جون نياڻيون جيستائين زنده آھن تيستائين پنهنجي سنڌو درياھ تي قبضو ٿيڻ ھرگز نہ ڏينديون. پيپلزپارٽي چاھي ٿي تہ سنڌي ماڻهو خوشحال ٿيڻ بدران اسان جا غلام ھجن پيپلزپارٽي پنهنجي 17 سالن جي اقتداري دور دوران سنڌ کي مصيبتن کان سواءِ ڪجھ بہ نہ ڏنو آهي. سنڌو درياھ تي لڳندڙ ڌاڙي کي لکين سنڌياڻيون پنهنجي پر امن جدوجھد ذريعي ناڪام بڻائينديون سنڌياڻي تحريڪ سنڌو درياھ تي ڌاڙي خلاف ھر دور ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو آھي. سنڌ جي وجود کي بچائڻ لاءِ تاريخي جدوجھدن ڪيون آهن. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان ٺٽو،سجاول ۽ بدين کي سمنڊ ڳڙڪائي ويندو سرسبز سنڌ مڪمل سوڪھڙي جو شڪار ٿي ويندي ۽ پنجاب جي ريگستان واري علائقي جي لکين ايڪڙ زمين آباد ٿيندي. ڌاڙيل نوان ڪئنال ھرگز سنڌ کي قبول ناھن. سنڌ سميت دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ رھندڙ سنڌي ماڻھو پنھنجي درياھ ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ ھڪ آواز آھن.سنڌ دشمن ڪئنالن جو منصوبو ڪرپٽ حڪمرانن جي اقتدار جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر رفيعہ پليجو خطاب ڪندي چيو تہ پاڻي لاء جدوجھد زندگي ۽ بقا جي جدوجهد آهي، سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ لکين شاگردياڻيون پر امن جدوجھد ذريعي شاندار ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪنديون. سنڌ جون نياڻيون سنڌو درياھ خلاف ڪا بہ سازش قبول نہ ڪنديون. پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌو درياھ کي سڪائي ڀڙڀانگ ڪري سنڌي ماڻھن کي مارڻ چاھين ٿا. پاڻي زندگي آھي. سنڌو درياھ کي ڀڙڀانگ ۽ بنجر بنائڻ واري سازش سنڌ جون بھادر نياڻيون برداشت نہ ڪنديون. سنڌو درياءَ سنڌين جي جان آهي، سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال سنڌي نياڻين جي لاشن تي ٺھندا، ست ڪروڙ سنڌي پنهنجي درياھ کي بچائڻ لاءِ وڙھندا. سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امداد پنھور خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو درياھ سنڌين جو ساھ آھي درياھ جو وجود ختم ٿيڻ سان زرخيز سنڌ تباھ ٿي ويندي. سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ مزاحمت ڪنداسين. ملڪ جي ترقي جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر بڻائڻ جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي اسان کي اھڙي ترقي نٿي گھرجي جنهن سان سنڌي ماڻهن کي پنهنجي حق حڪمراني کان پري رکي انهن کي ديوار سان لڳايو وڃي سنڌ جي درياھ، زمينن ۽ وسيلن تي قبضا برداشت نہ ڪنداسين. قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر نظير بليدي خطاب ڪندي چيو تہ پيپلزپارٽي، زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي عوام سان نہ پر پنجاب ۽ وفاق سان گڏ بيٺل آھن جيڪي سنڌو درياھ مان 6 نوان غير قانوني نوان ڪئنال ڪڍي سنڌو درياءَ کي قتل ڪرڻ چاھين ٿا نواز ليگ صدائين پاڻي جي سلسلي ۾ سنڌ سان ويساھ گهاتي ڪندي رھي آھي. انڪري سنڌو درياھ تي ڪو بہ ڪئنال ۽ ڊيم قبول نہ ڪيو ويندو. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي. سنڌي ماڻھن کي ديوار سان نہ لڳايو وڃي. حڪومت جيڪڏھن سمجھي ٿي تہ پيپلز پارٽي کي ڪرپشن جي اجازت ڏئي اھي سنڌو درياھ، سنڌ جو پاڻي، وسيلا کڻي ويندا. حڪمران سمجھن ٿا تہ سنڌي ماڻھو خاموش رھندا تہ اھا انھن جي ڀل آھي. سنڌي ماڻھو خاموش تماشائي نہ رھندا. سنڌي ماڻھو پنھنجي حقن ۽ وسيلن لاءِ اٿندا تہ حڪمرانن جا رستا بند ٿي ويندا. سنڌو درياھ سنڌ جو جياپو آھي، سنڌو درياھ ھزارين سالن جي تھذيب جو اھڃاڻ آھي. سنڌو درياھ سنڌ جي زندگي آھي. حڪمرانن کي سمجھڻ گھرجي تہ انڊس رور سسٽم ۾ ملڪ جي ضرورت جيترو پاڻي ناھي، جنھنڪري ڪو بہ ڪئنال ۽ ڊيم ملڪ ۽ سنڌ جي مفاد ۾ ناھي. پيادل مارچ جون قراردادون سمنڊ ۾ 20 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جو ڇوڙ ڪري تمر جا ٻيلا ۽ ڊيلٽا کي بچايو وڃي. 1991ع جي ٺاھ تي عمل ڪري سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. ايوان صدر ۾ آصف زرداري سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھڻڻ لاءِ 6 ڪئنال اڏڻ جي غير آئني منظوري ڏني، آصف زرداري فوري طور تي استعفي ڏئي سنڌي قوم کان معافي وٺي 6 ڪئنال ۽ گرين انيشيٽو منصوبا سنڌ دشمن آھن، انھن کي فوري طور رد ڪيو وڃي سنڌ ۾ بي زمين ھارين ۽ ھارياڻين کي 50-50 ايڪڙ زمين ڏئي مفت زرعي ٻج ۽ ڀاڻ ڏنو وڃي چشمه جھلم لنڪ ڪئنال، تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ۽ ٿل ڪئنال سميت سمورا ڌاڙيل واھ بند ڪري سنڌو درياھ مان پاڻي چوري بند ڪئي وڃي. گرين پاڪستان منصوبن تحت چولستان جي 60 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه مان غير قانوني طور 6 نوان ڪينال ڪڍڻ وارو فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي. ارسا ايڪٽ 1992 ۾ صدارتي آرڊيننس وسيلي ڪيل ترميم 1973 واري پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 154 ۽ 155 جي سنگين خلاف ورزي آهي. پاڻي سان لاڳاپيل معاملا گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اسم آهن، انهي معاملي تي ايڪنڪ يا ڪنھن بہ ٻئي فورم ۾ ڪيل فيصلا 1973 واري آئين جي لتاڙ آهن. اهڙا غير آئيني فيصلا ڪندڙ ملڪ دشمن قوتن خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪري سنگين غداري جا ڪيس داخل ڪيا وڃن ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ڪيل غير آئيني ترميم فوري طور واپس ورتي وڃي. ڪوٽڙي کان هيٺ سمنڊ ۾ پاڻي نہ ڇڏڻ سبب ٺٽي، سجاول ۽ بدين ضلعن جون لکين ايڪڙ زمينون سمنڊ کائي ويو آهي، تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويا آهن، مڇي ماري روزگار ڪندڙ لکين ملاح، سامونڊ پٽي جا رهواسي، ھاري، هارياڻيون ۽ آبادگار پنهنجي گهرن کان محروم ٿي ويا آهي، سندن روزگار تباھ ٿي ويا آهن. انهن سمورن متاثرن کي معاوضو ڏنو وڃي، بي گهر ماڻهن کي گهر ڏنا وڃن ۽ ڪوٽڙي کان هيٺ گهربل پاڻي جو مقدار ڇڏيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Apr 2025
•
تازہ ترین
رانا ثناءاللہ کا شرجیل انعام میمن سے ایک بار پھر ٹیلیفونک رابطہ، پانی کے مسئلہ پر مشاورت کے عمل کو آگے بڑھانے پر اتفاق
21st Apr 2025
•
تازہ ترین
حکومت کو 72 گھنٹوں کا وقت دیا ہے، کمون شہید خان، کراچی اور کشمور میں دھرنے دئیے جائیں گے؛ عامر نواز وڑائچ
20th Apr 2025
•
تازہ ترین
سندھ میں متنازع نہر منصوبے کے خلاف احتجاج میں نمایاں شدت
20th Apr 2025
•
تازہ ترین
سندھو دریاء پر نئے کینالوں کے خلاف جے یو آئی کا بڑا اعلان، سندھ پنجاب بارڈر بلاک کريگے
21st Apr 2025
•
سنڌي خبرون
ڄامشورو: لابارو ڪري موٽندڙ ڪولهي برادري جي مزدا ڪلٽي، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 9 ڄڻا ٿڏي تي فوت، 25 کان وڌيڪ زخمي
21st Apr 2025
•
سنڌي خبرون
خانپور مهر ويجهو هٿياربندن جو گهر تي حملو، ٻن عورتن سميت 4 گهرڀاتي قتل
21st Apr 2025
•
تازہ ترین
رانا ثناءاللہ کا شرجیل انعام میمن سے ایک بار پھر ٹیلیفونک رابطہ، پانی کے مسئلہ پر مشاورت کے عمل کو آگے بڑھانے پر اتفاق
21st Apr 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جو ڀٽ شاهه مان نڪتل پيادل مارچ ستن ڏينهن بعد حيدرآباد پهتو جتي شاندار جلسو ٿيو، تڪرار ڪئنال منصوبو ختم ڪرڻ جو مطالبو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے