شڪارپور ۾ رٽائرڊ پوليس جمعدار جي گهر تي حملو، سندس بيواهه ڌيءَ قتل

شڪارپور ۾ رٽائرڊ پوليس جمعدار جي گهر تي حملو، سندس بيواهه ڌيءَ قتل

شڪارپور ( احسان ابڙو) شڪارپور نيو فوجداري ٿاڻي جي حد ۾ ھٿياربندن جي مگسي محلا ۾ رٽائرڊ پوليس جمعدار رمضان مگسي جي گھر تي فائرنگ ڪري عورت بيوھ ڪائنات مگسي زال حبيب الله عرف حبو مارفاڻي کي گوليون ھڻي زخمي ڪري ويا جنھنکي وارث کڻائي سول اسپتال پھتا جتي زخمن جي سٽ نہ سھندي زخمي عورت ڪائنات فوت ٿي ويئي قتل ٿيل مقتولا عورت چئن ٻارڙن جي ماء ھئي قتل ٿيل عورت جي پيء محمد رمضان مگسي صحافين سان ڳالھائيندي الزام ھڻندي ٻڌايو ته مرحوم حبيب الله عرف حبو مارفاڻي جي وفات کانپوء منھنجي نياڻي ۽ حبيب اللہ معرفاڻي جي ڀائرن ۽ ڀائيٽن وچ ۾ ملڪيت جي معاملي تان ڇڪتاڻ ھلندڙ ھئي جنھن تي اڄ 8 ھٿياربندن نادر معرفاڻي, گل حسن معرفاڻي ۽ ٻين نامعلوم ھٿياربندن اسانجي گھر تي چڙھائي ڪري سندس ڌيء کي گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا,ھن ڊي آء جي لاڙڪاڻو, ايس ايس پي شڪارپور کان گھر ڪئي تہ خدارا اسان سان انصاف ڪيو وڃي ظالمن نياڻي کي قتل ڪري ظلم ڪيو آھي, ضروري ڪاروائين بعد مقتول عورت جو مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو, رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو تہ واقعي بابت اطلاع مليا آھن جاچ ڪري رھيا آھيون, واقعو ملڪيت جي معاملي تان ہيش آيو آ وڌيڪ جاچ ڪيون پيا