پاڻي تي ڌاڙو نامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور، سنڌو تي ڌاڙو نامنظور جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا
خيرپور: ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي وڪيلن پاران سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري سنڌ دشمن فيصلي خلاف ڌرڻو هنيو ويو، هزارين ماڻهو شريڪ، پاڻي تي ڌاڙو نامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور، سنڌو تي ڌاڙو نامنظور جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا
ڪراچي مان وڪيلن جو نڪتل قافلو شاھ حسين باءِ پاس وٽ ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ جي اڳواڻي ۾ پهچڻ تي گلن جي ورکا سان آجيان ڪئي وئي،
ڌرڻي ۾ وڪيلن سان گڏ سياسي سماجي مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن، شهرين، اديبن، هارين، آبادگارن، پورهيتن، عورتن توڙي ٻارڙن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جونيئر ذوالفقار ڀٽو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، راشد محمود سومرو، فتاح سميجو، علامه اياز قُمي، وسند ٿري ۽ ٻين به شرڪت ڪئي، ٻبرلوءِ قومي شاهراهه تي ڪئنالن خلاف وڪيلن جي ڌرڻي کانپوءِ ٽريفڪ کي مختلف ھنڌن تي بيهاريو ويو پني عاقل جي سانگي وٽ قومي شاھراہ تي گاڏين جون قطارون لڳي ويون سانگي وٽ قومي شاھراہ تي پنجاب کان سنڌ طرف ايندڙ روٽ تي گاڏين جون قطارون لڳي ويون سکر کان پنوعاقل ۽ گھوٽڪي تائين ٽريفڪ کي مختلف ھنڌن تي بيھاريو ويو.
عامر نواز وڙائچ ۽ ٻين وڪيل اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪئنال ختم ٿيڻ کانسواءِ هتان نه اٿنداسين، ڀلي ڪجهه به ٿئي، سنڌ دشمن منصوبو ختم ڪرائي رهندا...
0 تبصرے