مورو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون، 10 کان وڌيڪ گرفتار

مورو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون، 10 کان وڌيڪ گرفتار

مورو (جاني جماڻي) مورو پوليس جي ايس ايڇ او مجيب الرحمان ناريجو پاران شھر جي مختلف ھنڌن تي ھلندڙ منشيات کي روڪڻ ۽ منشيات فروشن خلاف ڪاروائيون ڪندي ڏھ کان مٿي منشيات فروش گرفتار ڪري منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او مورو مجيب الرحمان ناريجو ٻڌايو تہ ايس ايس پي نوشهروفيروز سنگھار ملڪ جي سخت ھدايتن تي منشيات فروشن خلاف ڪاروائي ڪئي وئي آھي منشيات فروش سماج دشمن آھن کين ڪنھن بہ صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪاروائيون ڪندي ڏھن ڄڻن نبي بخش عرف بجلي زرداريءَ، محمد صالح زرداريءَ، بشير احمد زرداريءَ، محمد شريف زرداريءَ، عبدالرزاق زرداريءَ، دلبر عرف دلو مھر، اعظم زرداريءَ سميت ٻين کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ منشيات فروشن خلاف اھڙيون ڪارروايون جاري رھنديون.