امان الله ٽالپر، صفدر علي شاهه، نور علي شاهه، موهن لال موتي ۽ ٻيا تڏي تي پهتا
عمرڪوٽ (ڊ ر) معروف سياسي شخصيت سيد نواز علي شاه جي وفات تي تعزيت جو سلسلو جاري آهي، عمرڪوٽ جي ويجهو کاروڙو سيد ۾ مرحوم جي رهائش گاهه تي تعزيت لاءِ سياسي ۽ سماجي شخصيتن جو رش لڳو رهيو، ان موقعي تي معروف سياسي سماج
ي اڳواڻ مير امان الله ٽالپر ۽ مسلم ليگ ن جي ضلعي عمرڪوٽ جي سينيئر وائيس پريزيڊنٽ سيد صفدر علي شاه مرحوم سيد نواز علي شاه جي اهل خانہ سان ملاقات ڪئي ۽ گهري ڏک جو اظهار ڪيو، مير امان الله ٽالپر ۽ سيد صفدر علي شاه سيد نواز علي شاه جي ڀاءُ ضلعي صدر پيپلز پارٽي ڊاڪٽر سيد نور علي شاه موهن لال موتي ۽ مرحوم جي ڀائيٽي ايم پي اي سيد امير علي شاه سان تعزيت ڪئي، ٻنهي اڳواڻن سيد نواز علي شاه جي خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ مرحوم جي وفات کي علائقي لاءِ هڪ وڏو سانحو قرار ڏنو، ان موقعي تي مير امان اللہ ٽالپر ۽ سيد صفدر علي شاه چيو ته سيد نواز علي شاه جي وفات هڪ ناقابلِ تلافی نقصان آهي، انهن جي شخصيت ۽ عوامي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو، واضح رهي ته سيد نواز علي شاه جي وفات تي علائقي ۾ سوڳ جي فضاءَ ڇائنجي وئي آهي ۽ مختلف سياسي جماعتن جا اڳواڻن پاران تعزيت ڪئي پئي وڃي.
0 تبصرے