لاڙڪاڻو: ڳوٺ حسيب چانڊيو ۾ گهرو اڻبڻت تان نوجوان قتل

علي ڏنو ٽڳڙ جي ڌر عاشق علي ٽڳڙ کي زمين تي گهرائي قتل ڪيو: پوليس

لاڙڪاڻو: ڳوٺ حسيب چانڊيو ۾ گهرو اڻبڻت تان نوجوان قتل

لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ حيسب چانڊيو ۾ 25 ورهين جو عاشق پٽ محمد نواز ٽڳڙ قتل ٿي ويو، لاش چانڊڪا اسپتال منتقل، رشيد وڳڻ پوليس ٻڌايو ته رات دير سان ڳوٺ حيسب چانڊيو ۾ ٽڳڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ گهريلو تڪرار تان علي ڏنو ٽڳڙ جي ڌر 25 ورهين جي عاشق ٽڳڙ کي فون تي گهرائي زرعي تي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو جنهن جو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو آهي. پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو